نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي اپوزيشن جي اڳواڻ پريانڪا گانڌي بي جي پي جي وزير سمرتي ايراني کي شپ اپ ڪال ڏيندي چيو آهي ته منهنجي پيءُ ۽ ڏاڏيءَ کي دهشتگردن شهيد ڪيو اسان کي دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ جو الزام نه لڳايو وڃي. ميڊيا سان ڳالهائڻ وقت کائنس سوال ڪيو ويو ته توهان کي سمرتي ايراني دهشتگردي سان جوڙيو آهي. ان تي پريانڪا گانڌي چيو ته منهنجو ناتو دهشتگردي سان آهي، منهنجي والد کي دهشتگردن ماريو، منهنجي ڏاڏيءَ کي به انهن ئي قتل ڪيو، هن ملڪ لاءِ منهنجي خاندان جا ماڻهو شهيد ٿيا آهن، اهڙا الزام لڳائڻ بند ڪيا وڃن.