لاهور/اسلام آباد (م ڊ + بيورو رپورٽ) بي اعتمادي رٿ واري مامري تي ق ليگ حڪومت کان پرويز الاهي کي وزيراعليٰ بڻائڻ جو شرط رکي ڇڏيو، فيصلي لاءِ 24 ڪلاڪن جو الٽيميٽم  ڏئي ڇڏيو، حڪومتي اتحادي متحده پاران چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف آڏو ساڍا 3 سال مطالبا رکيا هئا، هاڻ حڪومت تي ڀروسو ناهي، زرداري جي واعدي تي نواز ليگ ۽ فضل الرحمان ضمانت ڏين ته بي اعتمادي تي ساٿ لاءِ تيار آهيون. تفصيل موجب حڪومتي اتحادي پارٽي مسلم ليگ (ق) دعويٰ ڪئي آهي ته وفاقي وزيرن مبارڪباد ڏيندي يقين ڏياريو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ تبديلي جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي. مسلم ليگ (ق) طرفان حڪومت ۾ رهڻ يا نه رهڻ جي حوالي سان اپوزيشن ۽ حڪومتي اتحادين جو ڊگهو مشاورتي اجلاس ٿيو، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ (ق) دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ تبديلي جي لاءِ تيار آهي پر ان حوالي سان 48 ڪلاڪن ۾ فيصلو ڪندو. ذريعن موجب حڪومت طرفان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، وفاقي وزير اسد عمر ۽ پرويز خٽڪ مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون، ذريعن موجب وفاقي وزيرن مسلم ليگ (ق) کي پنجاب ۾ تبديلي جي حوالي سان ٻڌايو پر اها تبديلي ڪڏهن ٿيندي، ان حوالي سان تاريخ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر اهو چيو آهي ته وفاق ۾ بي اعتمادي رٿ کانپوءِ پنجاب جو فيصلو ٿيندو. ٻئي طرف (ق) ليگ جي طارق بشير چيمه به ان حوالي سان تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته اسان کي وفاقي وزيرن جي ٽي رڪني ڪاميٽي ٻڌايو آهي ته وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير کي تبديل ڪرڻ جو راضپو ڏيکاريو آهي، جنهن کانپوءِ اسان کي ڪاميٽي جي وزيرن چيو آهي ته مبارڪ هجي، جنهن تي اسان پڇيو ته ڪهڙي ڳالهه جي مبارڪ؟ جنهن تي وفاقي ڪاميٽي جي وزيرن چيو ته وزيراعظم پنجاب ۾ تبديلي تي راضي ٿي ويو آهي، جڏهن اسان پڇيو ته ڪيستائين ٿيندو؟ تنهن تي هنن جواب ڏنو ته وفاق ۾ بي اعتمادي رٿ گذري وڃي. طارق بشير چيمه ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا حڪومت اسان کي ٻار سمجهيو آهي؟ اسان ڪيئن يقين ڪريون ته وفاق ۾ بي اعتمادي رٿ کانپوءِ حڪومت پنهنجي واعدي تي فيصلو ڪندي. اپوزيشن طرفان اسان کي وڏ وزارت جي آڇ آهي پر حڪومت طرفان صرف لولي پاپ آهي. وزيراعظم کي شين کي سنجيده وٺڻ گهرجي. هن ان معاملي تي انڊر 19 ٽيم ميدان ۾ لاٿي آهي. هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي ۽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي ، اسلام آباد ۾ چوڌري شجاعت جي گهر تي ٿيل ملاقات ۾ بي اعتمادي جي رٿ واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملاقات ۾ پيڪا آرڊيننس تي به چوڌري پرويز الاهي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته ق ليگ جا تحفظات ختم ڪيا ويا آهن، ق ليگ ۽ پي ٽي آءِ اتحادي ۽ هڪ ئي سياسي وچ رکن ٿا، عليم خان ۽ جهانگير ترين کي پي ٽي آءِ جو حصو تصور ڪيون ٿا، فواد چوڌري پاران ق ليگ سان مامرا طئي ڪرڻ واري دعويٰ تي ردعمل ڏيندي ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيما چيو آهي ته اسان کي خدشا آهن، عوام ۾ وينداسين، پي ٽي آءِ جي سمورن مامرن جو اختيار جيڪڏهن فواد وٽ آهي ته پوءِ الله حافظ آهي، وفاقي ڪاميٽي ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، بوزدار جي ڪارڪردگي مان هي مطمئن آهي يا نه، اسان جو ان سان تعلق ناهي، بوزدار بابت سندس پارٽي اندر پريشر آهي، 24 ڪلاڪن ۾ فيصلو اچي ويندو، چوڌري پرويز الاهي فيصلو ڪندو. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته فواد چوڌري سان سياست تي ڳالهيون ڪرڻ آهن ته پوءِ سياست ئي ڇڏي ڏيڻ گهرجي، ان سان ملاقات ۾ رڳو پيڪا آرڊينسن تي ڳالهيون ٿيون، ق ليگ سان مامرا طئي ٿيڻ جي دعويٰ درست ناهي، 24 ڪلاڪن اندر فيصلو ڪنداسين، ڪامل علي آغا چيو ته ڪامل علي آغا اسان جي ميمبرن فيصلي جو اختيار پرويز الاهي کي ڏنو آهي، تحريڪ انصاف متحد نٿي رهي ته اتحادي پنهنجو فيصلو ڪندا. ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته طارق بشير چيما چاهي ٿو ته پرويز الاهي کي  وڏو وزير بڻايو وڃي ، پنهنجي ليڊر کي وزيراعليٰ ڏسڻ چاهي ٿو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عليم خان سميت سڀ ملاقاتون ڪري رهيا آهن، ملاقاتن ۾ ڪا خراب ڳالهه ناهي، ڪجهه ملاقاتون اسان جي حڪم تي ڪيون وڃن ٿيون اهي آگاهه ڪن ٿا ته ڪيتري آفر ٿي. ق ليگ سان ملاقات ۾ وزيراعليٰ جي تبديلي جو شرط نه هو، پارٽي ۾ بوزدار جي تبديلي جي راءِ موجود آهي. ٻئي طرف ذريعن موجب ق ليگ جو مشاورتي اجلاس ٿيو، فيصلن جو اختيار پرويز الاهي حوالي ڪيو ويو، چوڌري پرويز الاهي 2 ڏينهن اندر فيصلي جو اعلان ڪندو.

ڪراچي (م ڊ) ايم ڪيو ايم وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي اپوزيشن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار، لکت ۾  معاهدي سميت نواز ليگ ۽ فضل الرحمان کان ضمانت گهري ورتي، ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ وسيم اختر نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ساڍن ٽن سالن بعد هاڻ حڪومت تي ڀروسو ناهي، تحريڪ انصاف کا ساڍا 3 سال پهرين سمورا مطالبا ڪيا هئا، وزيراعظم يا ان سان گڏ آيل اڳواڻن ڪجهه ته اسانجي مطالبن تي ڳالهائن ها پر هنن ڪجهه نه چيو، متحده حڪومت کان لاڳيتو ناراضگي جو اظهار ڪندي رهي آهي. هن چيو ته نواز ليگ ۽ فضل الرحمان ضمانت ڏين ته زرداري جي واعدي تي اپوزيشن ڏانهن وڃي سگهون ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو جهڪاءَ عوام جي مطالبي ڏانهن آهي، هاڻ اسان اڳتي اليڪشن لاءِ به سوچي رهيا آهيون، گهڻين شين کي حتمي شڪل ڏئي رهيا آهيون. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم شهري سنڌ لاءِ نوڪرين ۾ 40 سيڪڙو ڪوٽا، بااختيار مڪاني نظام ۽ صوبائي مالياتي ڪميشن جوڙڻ جا مطالبا ڪيا آهن.