ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صنفي بنيادن تي تشدد جي خاتمي، اقليتن جي حقن جي تحفظ، جبري مذهب مٽائڻ بابت قانون سازي ۽ جنس پرستن سان لاڳاپيل ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ پوليس جي تربيت، پراسيڪيوٽرز ۽ عدليه جي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ جهڙا قانون متعارف ڪرائڻ ۾ سنڌ اسيمبلي جا قدم  ساراهڻ جوڳا آهن، مقامي هوٽل ۾ سنڌ پراسيڪيوشن روڊ ميپ 2030-2025 جي لانچنگ  جي موقعي تي هن چيو ته پيپلز پارٽي  قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي، اسان ئي  ملڪ کي آئيني فريم ورڪ فراهم ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ اسيمبلي انصاف ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف نون ۽ شراڪتي قدمن کي لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ ڪريڪشن سروسز تي عملدرآمد وڏي ڪاميابي آهي، سنڌ اسيمبلي ايشيا جي پهرين قانون ساز اسيمبلي آهي جنهن جيلن ۾ اهم سڌارا متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته يو اين او ڊي سي جي سهڪار سان تيار ڪيل سنڌ روڊ ميپ 2030-2025 وڏي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ ڪرمنل جسٽس واري نظام ۾ موجود خامين ۽ چيلينجن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جنس پرست ماڻهن جي حقن، انساني اسمگلنگ ۽ اقليتن جي حقن بابت ڪم ڪيو ويو آهي سنڌ روڊ ميپ 2030-2025 جاري ڪرڻ قانون جي حڪمراني کي ايندڙ سطح تي آڻڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته سنڌ پراسيڪيوشن روڊ ميپ تي عمل ڪرڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوششن کي استعمال ڪريون، سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام جي خدمت لاءِ هڪ منصفانه ۽ برابري وارو انصاف وارو نظام فراهم ڪريون. وڏي وزير پراسيڪيوشن روڊ ميپ ذريعي سنڌ ۾ هڪ شفاف ۽ برابري واري انصاف واري نظام لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو.