پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري وڃي  … اياز حسين تنيو، ڀان سيد آباد

0
89
پرائمري استادن جي سروس اسٽرڪچر جو نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري وڃي  ... اياز حسين تنيو، ڀان سيد آباد

 موجوده پي ڊي ايم نواز ليگ، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام، شهباز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ انهن جي اتحادين 13 جماعتن جي حڪومت هاڻي ٻن ٽن ڏينهن جي مهمان آهي ۽ 9 آگسٽ تي انهن جي موڪل ٿيڻ واري آهي. جڏهن ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه پهريان کان ئي 3 مهينن جي موڪل وٺي پرڏيهه وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي عوام بار بار پاڪستان پيپلزپارٽي کي ڀرپور ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻي ساٿ ڏنو اٿائين جو گذريل 16 سالن کان هو اقتدار ۾ آهن پر اهي پنهنجي سنڌ جي لکين ڪروڙين ٻارڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي استادن پيغمبري پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جي مسئلن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان قاصر آهن . استادن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪهڙيون رڪاوٽون آهن ملڪ جي ٻين صوبن کي ملندڙ مراعتون سهولتون گهرن ٿا. هتي حق گهرڻ تي انھي کي نشانو بڻايو وڃي ٿو. جمهوري ملڪ ۽ جمهوريت جي سڃاڻپ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي فلسفي نظرئي کي ڏسو ته شهيد بينظير ڀٽو صاحبا پنهنجي جان جي پرواهه به نه ڪندي غير جمهوري قوتن کي للڪاريو ۽ وڏي واڪي واضح نموني پوري دنيا کي پيغام ڏنو ته بزدل ڊڪٽيٽر، آمريت کي ڪڏهن به قبول نه ڪندس. اهڙي طرح پاڪستان پيپلزپارٽي جي پوري تاريخ جمهوريت لاءِ گذري آهي، انهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو توڙي شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڻ ڏاڍ خلاف احتجاج، بک هڙتالون، احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا. تازو جڏهن اسان استاد برادري پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ 12 جولاءِ تي وزير اعليٰ هائوس سامهون احتجاجي ڌرڻي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي سون ته ڪيس ڪيو ويو. اسان کي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه، سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري ۽ ٻين تعليم دوست آفيسرن کان اميد آهي ته اهي سنڌ جي تعليم ۾ خاص ڪري پرائمري استادن بنيادي بيسڪ استادن جي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ فوري طور تي نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري هزارين پرائمري استادن ۾ پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. ڪي تعليم کاتي جا دوست انگ اکرن جي هيرڦير ڪرڻ بجاءِ نيڪ نيتي سان سنڌ جي استادن جي مجموعي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، اهو استاد برادري کي احساس ڏيارين ته اهي آفيسر پنهنجي جاءِ تي پر پهريان هڪ استاد وٽان پڙهي لکي هتي پهتا آهن ۽ استاد جو احساس انهن جي فيملي جا مسئلا هن ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ۾ ڪيئن ڪر کنيو بيٺا آهن. جڏهن هڪ پهرين ٻي گريڊ چوڪيدار، پٽيوالو، نائب قاصد به ڪلارڪ، سينئير ڪلارڪ، پوءِ آفيس سپريٽنڊنٽ 17، 18 گريڊ اسڪيل ۾ پهچي سگهن ٿا ته پوءِ گريجوئيٽ، پوسٽ گريجوئيٽ، ايم، اي، ايم ايڊ، ايم فل، پي ايڇ ڊي ٿيل پرائمري استادن کي پنهنجي ئي پرائمري اسڪول ۾ سينئير استادن کي 17 اسڪيل ڏئي هيڊ ماستر ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ جڏهن هر هڪ کاتي ۾ سن ڪوٽا موجود آهي ته پوءِ تعليم کاتي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟ هتي سياسي ڪوٽا به هلي پئي پر استادن جي ڪوٽا بند ڪرائي وئي آهي. فوري طور سن ڪوٽا موجب سنڌ جي پڙهيل لکيل استادن جي اولاد کي نوڪريون ڏنيون وڃن. جيستائين استادن جي 25 سيڪڙو سن ڪوٽا بحال هئي ۽ انهيءَ تي ڪو ڌاڙو نه لڳندو رهيو ته پوءِ انهيءَ وقت جي تعليم تربيت ۽ سکيا ڪيتري قدر اسڪولن ۾ نمايان رهندي رهي پر جڏهن سکيا، تربيت ۽ استادن جي اولاد کان بنا ماحول سفارشي، رشوت ۽ سياسي ڪوٽا تحت ادارن ۾ خاص ڪري تعليم کاتي ۾ ماڻهو ڀرتي ٿيڻ لڳا ته انهيءَ جا ڀيانڪ قسم جا نتيجا ملڻ لڳا، ماضيءَ ۾ ملندڙ استادن جي اولاد لاءِ 25 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا بحال ڪئي وڃي يا استادن جي اولاد کي 20 مارڪون اضافي ڏنيون وڃن، تعليم کاتي پيغمبري پيشي بجاءِ ڪاروبار، بزنس ڌنڌو ڪري هلائڻ جا ڪيڏا ناڪاري اثر سامهون اچڻ لڳا آهن  جنهن جو ڪو تصور به نٿو ڪري سگهي، سنڌ جي پرائمري استادن جا مطالبا جهڙوڪ؛ استادن جا جائز مطالبا سال 2001ع کان وٺي جيڪي به استاد ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جو ڪانٽريڪٽي پيرڊ ريگيولر سروس ۾ شمار ڪيو وڃي، گذريل 5 سالن کان ملازمن جي بنيادي پگهارن جا اسڪيل روائيز نه ڪيا ويا آهن، انهيءَ عرصي دوران ملندڙ سڀ ايڊهاڪ الائونس بنيادي پگهار ۾ ضم ڪري اسڪيل روائيز ڪيا وڃن، سيڪنڊڙي اسڪولن ۾ مرج ڪري ڪئمپس ۽ ڪلسٽر ٺاهڻ واري پاليسي تي نظر ثاني ڪئي وڃي. گروپ انشورنس کي ميجيرٽي ڪليم ۾ تبديل ڪري هر استاد کي رٽائرمينٽ جي موقعي تي انشورنس جي ادائيگي ڪئي وڃي جيڪا استادن جي پگهارن مان هر مهيني  ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي اها استادن کي ئي ملڻ گهرجي، جنهن لاءِ ڪورٽ سڳوري جي فيصلي کي منهن نه ڏنو وڃي بلڪ قانون ۽ انصاف جي تقاضائن موجب هرهڪ ملازم کي پنهنجي گروپ انشورنس جي رقم ملڻ ڏني وڃي. استادن لاءِ تعليمي انڪريمينٽون ايم اي، بي ايڊ، ايم ايڊ وغيرهه بحال ڪيون وڃن، سنڌ جي اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ آهي لکين ٻارڙا هن جديد دور ۾ به پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. سنڌ جي اسڪولن جي لاءِ آيل بجيٽ تي ڪامورا هٿ صاف ڪري وڃن ٿا، فرنيچر سميت ٻيون بنيادي سهولتون اسڪولن کي فراهم ڪيون وڃن، بائيو ميٽرڪ کي ضلعي سطح تي آندو وڃي، استادن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل بينوولنٽ فنڊ جي رقم ڊپٽي ڪمشنر بجاءِ تعليم کاتي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ڊي اي اوز ذريعي ڏني وڃي، صحت کاتي جي ملازمن کي ملندڙ هيلٿ الائونس جي طرز تي استادن کي به بنيادي پگهار جو 25 سيڪڙو ٽيچنگ الائونس ڏنو وڃي، ٻين صوبن جي ملازمن جيان سنڌ جي پرائمري استادن کي به صحت ڪارڊ جون سهولتون ڏنيون وڃن. اميد ته وزير تعليم سيد سردار علي شاهه صاحب ۽ خاص ڪري صوبائي سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري صاحب پنهنجي آخري وقت ۾ سنڌ جي هزارين پرائمري استادن جي مسئلن کي غور سان ٻڌي انهن جي مسئلن جي حل لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هزارين استادن جي اندر پيدا ٿيل بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ عملي ۽ فوري طور تي قدم کڻندا، هونئن به هاڻ سنڌ حڪومت جي پڇاڙي آهي هڪ ٻن ڏينهن جي مهمان سنڌ حڪومت ۽ پرڏيهه ۾ واپس ويندڙ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي گهرجي ته سنڌ جي پرائمري استادن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪندي بهتري ۽ ڀلائي جو ۽ بنيادي مسئلن ٻين صوبن وارين مراعتن سهولتن جو نوٽيفڪيشن پڌرو ڪري وڃي جيئن لکين پرائمري استاد سنڌ حڪومت جي سونهري باب کي ۽ انهن جي استادن لاءِ بهتر قدم کي هميشه ياد ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته هڪ ڏينهن جو سي ايم به وڏو ڪم ڪري سگهي ٿو پر توهان وٽ اڃان ٻه ٽي ڏينهن باقي آهن ۽ ويندي ويندي سنڌ حڪومت به سنڌ جي پرائمري استادن جي بنيادي مسئلن ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان صوبن جهڙيون سهولتون مراعتون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت هاڻي اپاءَ نه کنيا ته پوءِ ڪڏهن به نه کڻي سگهندي ۽ ضرور ناهي ته سنڌ حڪومت ۾ وري به ساڳيا وزير اعليٰ، وزير تعليم ۽  سيڪريٽري تعليم ئي هجن.