نئين دهلي(م ڊ) پب جي گيم تي پيار ڪري پاڪستان مان ڀارت ويندڙ سيما حيدر ۽ سندس دوست سچن کي عدالت ضمانت ڏئي ڇڏي آهي، سيما هاڻي سچن سان گهر پهچي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب سيما جکراڻي جو چوڻ آهي ته هو چاهي ٿي ته ٻارن سان گڏ ئي ربوپورا ۾ سچن سان رهي ۽ گنگا ۾ وهنجڻ بعد سچن سان شادي ڪندي. هن چيو ته واپس پاڪستان نه وينديس اتي مون کي ڪارو ڪاري تحت ماري ڇڏيندا. هن چيو ته منهنجا ٻار پيءُ ڏانهن وڃڻ چاهين ته وڃي سگهن ٿا پر هو نه ويندا ڇاڪاڻ ته هو اسان سان گڏ رهيو ئي نه هو. هن چيو ته منهنجو پٽ وڏو آهي هو به نه ويندو.