پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ، 6 ڄڻا فوت، 515ڪيس رپورٽ

0
258
ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي، پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ (covid.gov.pk) جي موجب گذريل 24ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 47885 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 515 ماڻهن ۾ وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته 6ڄڻا فوت ٿي ويا

 سرڪاري انگ اکرن موجب، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتگين جو انگ 28هزار 927 ٿي ويو آهي جڏهن ته مجموعي ڪيسز جو انگ 12لک 95376 تائين انگ پهچي ويو آهي، فعال ڪيسز جو انگ 10112 آهي، اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز جي شرح 1.07 سيڪڙو رهي.