پاڪستان ۾ ڪرپشن ۽ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ

0
325
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

   هڪڙو ادارو جيڪو اسان کي دنيا جي ملڪن ۾ پکڙيل ڪرپشن جي ڄاڻ ڏئي ٿو اهو عالمي شفافيت وارو ادارو آهي جنهن کي انگريزي ۾ Transparency International  سڏيو وڃي ٿو.  هي جرمن ادارو آهي پر هر ڪنهن ملڪ ۾ انهي جون شاخون آهن. هو هر سال، سال پورو ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي رپورٽ ڏئي ٿو. يعني سال 2020ع واري رپورٽ جو مطلب آهي ته سال 2020ع ۾ دنيا ۾ گهڻي ڪرپشن ٿي.

ان جو طريقيڪار:

دنيا جي هر ملڪ ۾ ان جون شاخون آهن. هر ملڪ جو هر سرڪاري کاتن ۽ قرض وٺڻ واري ڏيتي ليتي بابت ڪرپشن جي ڄاڻ ڏئي ٿو.

اداري جي ڪم ڪرڻ جو طريقو.

   دنيا جي سڀني ملڪن جي سروي ڪري هو رپورٽ ڏئي ٿو. جدا جدا ملڪن کي نمبر ڏنا وڃن ٿا ۽ انهن ملڪن جو سيريل نمبر ٻڌايو وڃي ٿو. پاڪستان جون مارڪون آهن 31 ۽ سيريل نمبر آهي 124. سيريل نمبر مان خبر پوي ٿي ته دنيا جي 180 ملڪن ۾ ڪنهن ملڪ جو ڪهڙو نمبر آهي. پاڪستان جي 124 نمبر مان خبر پوي ٿي ته 56 ملڪ ان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن ۽ 123 ملڪ ان کان گهٽ ڪرپٽ آهن. وري مارڪن مان خبر پوي ٿي ته ڪهڙي ملڪ ۾ وڌيڪ ڪرپشن آهي. 31 نمبرن مان خبر پوي ٿي ته 100 مارڪن مان پاڪستان جون مارڪون 31 آهن ۽ اتي ڪرپشن وڌيڪ آهي.

جنهن ملڪ جا نمبر گهٽ هجن ٿا اهو دنيا جو گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ ليکيو ويندو آهي. اهي 10 ملڪ جيڪي دنيا جا گهٽ ۾ گهٽ ڪرپٽ ملڪ  آهن اهي پهرين چارٽ ۾ نمبروائيز مارڪن سميت ڏنل آهن جڏهن ته دنيا وڌ ۾ وڌ ڪرپٽ ملڪ ٻئي نمبر چارٽ ۾ نمبر وائيز مارڪن سميت ڏيکاريل آهن.

پاڪستان ۾ ڪرپشن:

هن سال  يعني 2020ع واري رپورٽ ۾ پاڪستان جون مارڪون آهن 31. سال 2018ع واري رپورٽ ۾ پاڪستان جون مارڪون هيون 33. وري سال 2019ع واري رپورٽ ۾ پاڪستان جون مارڪون هيون 31. گذريل سال جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ ڪرپشن وڌي نه آهي پر اوتري ئي آهي.

پاڪستان ۾ ڪرپشن جا سبب:

اسان وٽ ٻن طرحن جي ڪرپشن آهي. هڪڙي هيٺين ليول جي ۽ ٻي مٿين ليول جي. هيٺين ليول ۾ ڪلارڪ، پوليس وارو يا تپيدار/ مختيارڪار اچي وڃن ٿا. انهن جي ڪرپشن هزارن ۾ ٿئي ٿي. مٿين ليول جي ڪرپشن ۾ سياستدان ۽ ڪامورا اچي وڃن ٿا. اها ڪرپشن اربن ۽ کربن ۾ ٿئي ٿي. اها ڪرپشن ترقياتي ڪمن ۾ جنهن ۾ ٻين پئسن ۾ ڏيتي ليتي ۽ واپار اچي وڃن ٿا. ترقياتي ڪمن ۾ گهپلا ڪيا وڃن ٿا. انهن ٺيڪيدارن کي ڪم ڏنا وڃن ٿا جيڪي “وڏن صاحبن” کي سڌو پئسا پهچائي سگهن. عالمي سطح تي ٻين ملڪن کان هٿيار ۽ ٻيون شيون ورتيون وڃن ٿيون. اهي شيون وٺڻ مهل واسطيدار ڌر کان پئسا گهريا وڃن ٿا. اهو پئسو ٻاهرين ملڪن ۾ ورتو وڃي ٿو ۽ ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ رکيو وڃي ٿو.

مٿين ليول جي ڪرپشن جو نقصان:

مٿين ليول جي ڪرپشن جو پئسو ٻاهرين ملڪن جي بينڪن ۾ رکيو وڃي ٿو. اهو ان ملڪ جي ڪم نه ٿو اچي جتان هي پئسو وڃي ٿو. نتيجي ۾ روڊ رستا نٿا ٺهن، ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج نه ٿا کوليا وڃن، علاج لاءِ اسپتالون نٿيون ٺاهيون وڃن. پاڻي جو صحيح بندوبست نٿو ڪيو وڃي. شهرن ۾ نڪاسي جو نظام ناقص ٺاهيو وڃي ٿو، شهرن ۾ گند نه ٿو کنيو وڃي ۽ ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي وڃي ٿو. معنيٰ ملڪ ۾ ترقي نٿي ٿئي ۽ ٺاهيل ڪم ناقص هجن ٿا. جيڪڏهن انهن پئسن مان ڪارخانا لڳن ته ماڻهن کي روزگار ملندو، شيون ٻاهران گهرائڻ بدران ملڪ ۾ ئي ٺهنديون ۽ ٻاهريون ناڻو بچندو ۽ ٻين ڪمن ۾ اهو لڳائي سگهبو.

ڇا پاڪستان ۾ ڪرپشن گهٽجي سگهندي؟

دنيا جو ڪو به ملڪ ڪرپشن کان پاڪ ناهي. هر ڪنهن ملڪ ۾ ڪرپشن آهي، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ. عالمي شفافيت واري اداري جي سال 2020ع جي رپورٽ ۾ ڪنهن به ملڪ جون مارڪون 100 ناهن. وڌ ۾ وڌ مارڪون 88 آهن معنيٰ هر ڪنهن ملڪ ۾ ٿوري گهڻي ڪرپشن آهي. پر اسان جون مارڪون انهن جي لسٽ ۾ آهن 31. معنيٰ 123 ملڪ اسان کان گهٽ ڪرپٽ آهن ۽ 56 اسان کان وڌيڪ ڪرپٽ آهن.

وري ڇا جي ڪري ته اسان جون مارڪون لسٽ ۾ 31 آهن تنهن ڪري اسان جو ملڪ savior situation واري پوزيشن ۾ اچي وڃي ٿو ۽ اسان کي ڪرپشن گهٽائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻي پوندي.

عمران خان جي اچڻ کانپوءِ اسان کي ڪافي اميد هئي ته هو ملڪ مان ڪرپشن گهٽائيندو. پر اسان جون مارڪون اڃان به 31 آهن جڏهن ته گذريل سال به اهي 31 رهيون. معنيٰ ڪرپشن ته نه گهٽجي سگهي حالانڪه عمران خان نيب کي ڪافي چست ڪري ڇڏيو آهي.

منهنجي خيال ۾ ڪرپشن وارو مسئلو تمام سنگين آهي، جنهن کي اسان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کپي. پر مڪمل گهٽائڻ ممڪن ناهي. اسان ڪيتري به ڪوشش ڪريون اها پوءِ به رهندي.