نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن جو ادارو پي ٽي آءِ باني بابت ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي ذميواري کڻڻ کان لنوائڻ لڳو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان بابت يو اين ورڪنگ گروپ جي رپورٽ جي هڪ ڏينهن کانپوءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان معاملن ۽ صورتحال ۾ هاڪاري تبديلي چاهيون ٿا. گذريل ڏينهن گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريس جي ترجمان اسٽيفن ڊوجاڪ کان پريس ڪانفرنس ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا هو پي ٽي آءِ باني عمران خان کي فوري آزاد ڪرڻ جي گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ جي سفارش جي حمايت ڪري ٿو ؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته اِهي هڪ آزاد پئنل جون سفارشون هيون. سندس چوڻ هو ته هو موجودا سياسي صورتحال سان گڏوگڏ عمران خان جي موجودا صورتحال کي وڌيڪ هاڪاري انداز ۾ تبديل ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿا. واضح رهي ته گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ ٻه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ باني جي قيد کي عالمي قانون جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي کيس آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو.