پاڪستان ۾ خطرناڪ اومي ڪرون جي پهرين ڪيس جي تصديق ٿي وئي

0
252
ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران

ڪراچي(م ڊ) دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کانپوءِ پاڪستان ۾ به ڪورونا جي خطرناڪ ويرينٽ اومي ڪرون ڪيس جي تصديق ٿي وئي آهي

ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ 65 ورهين جي عورت ۾ اومي ڪرون جو پهريون شڪي ڪيس سامهون آيو هو، جنهن کانپوءِ هاڻي جينوم سيڪوئنسنگ ذريعي ان ۾ اومي ڪرون وائرس جي تصديق ٿي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته متاثرن سان رابطي ۾ آيل 51 ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي صحت کاتي جي اختيارين موجب متاثر شخص ڪورونا پازيٽو هو، جنهن کي خانگي اسپتال مان ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ بعد گهر منتقل ڪيو ويو هو