لاهور(اسپورٽس نيوز) پي سي بي پاڪستان ڪرڪيٽ جي نالي وارين شخصيتن کي سندن خدمتن جي اعتراف ۾ خراج پيش ڪرڻ لاءِ پي سي بي هال آف فيم کي شروع ڪري ڇڏيو آهي شروعاتي طور تي آءِ سي سي ڪرڪيٽ هال آف فيم ۾ شامل 6 ميمبرن حنيف محمد، عمران خان، جاويد ميانداد، وسيم اڪرم، وقار يونس ۽ ظهير عباس کي پي سي بي هال آف فيم جو حصو بڻايو ويو. هر سال ٽن شخصيتن کي پي سي بي آف هال فيم ۾ شامل ڪيو ويندو، انهن شخصيتن جي چونڊ هڪ آزاد پينل ڪندو. پي سي بي هال آف فيم ۾ شامل ٿيندڙ نين شخصيتن جو اعلان هر سال آڪٽوبر ۾ ڪيو ويندو، ان تاريخ تي پاڪستان 1952ع ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي شروعات ڪئي هئي. ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني جو چوڻ آهي ته پي سي بي هال آف فيم به پنهنجي نالي وارن رانديگرن جي خدمتن جي اعتراف جو هڪ انداز آهي.