حيدرآباد دکن (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي اوپننگ بيٽر ۽ پاڪستان جي ٽيم جي اڳوڻي مينٽور ميٿيو هيڊن جو چوڻ آهي ته اسلام موجودا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ميدان ۽ ان کان ٻاهر ڊسپلين ۾ رهڻ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامنيٽري ڪندي ڪيو. ميٿيو هيڊن چيو ته پاڪستاني ٽيم اسلام تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي جيڪو رانديگرن لاءِ اهم آهي، پاڪستان ٽيم ۾ نظم ۽ ضبط مثالي آهي جنهن کي سدائين ساراهيندو آهيان. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۾ ڊسپلين جي ضرورت هوندي آهي، ڪرڪيٽ پرعزم ۽ مستقل مزاجي کان وٺڻو پوندو آهي، اِهي تمام شيون جيڪي اوهان کي اسلام سيکاري ٿو اوهان جي ڪلچر جي نمائندگي ڪن ٿيون، گرين شرٽس کي اسلام مضبوط بڻايو آهي.