پاڪستان کي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي: آمريڪا

0
24

آمريڪي پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل چيو آهي ته پاڪستان ۾ اليڪشن جي شفافيت اسان جي ڌيان جو مرڪز آهي، پاڪستان کي انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جو احترام ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري ۽ قيد پاڪستان جو اندروني معاملو آهي

 آمريڪي پرڏيهي وزارت جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڳالهائيندي آمريڪي ڪانگريس پاران پاڪستان جي چونڊن بابت منظور ڪيل ٺهراءَ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو  ته مان ڪانگريس جي التويٰ هيٺ قانونسازي تي ڳالهه نه ڪندس، اسان جي جمهوري نظام ۾ ڪانگريس حڪومت جي هڪ ڌار شاخ آهي

 آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن، نائب پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو ۽ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سدائين ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان پنهنجي شهرين جي حقن جو احترام ڪري

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني بابت اڳ به چئي چڪو آهيان ته سندس گرفتاري پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان تي نه ڳالهائيندس، گڏيل قومن جي انساني حقن بابت ورڪنگ گروپ پاران گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ باني جي گرفتاريءَ کي غير قانوني قرار ڏنو ويو هو

گڏيل قومن جي ورڪنگ گروپ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي

 رپورٽ ۾ ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ويو ته پي ٽي آءِ باني کي دفاع ڪرڻ جي حق کان به محروم ڪيو ويو آهي، ورڪنگ گروپ پاران پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو به ڪيو ويو