لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڊچ ڪوچ سيگفيڊ ايڪمين رمضان جا روزا رکي رهيو آهي. پهرين روزي دوران سيگفيد ايڪمين ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ ٻڌايو ته اڄ منهنجي زندگي ۾روزو رکڻ جو پهريون تجربو آهي، مون رانديگرن سان گڏ روزي ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن لکيو ته منهنجي لاءِ هي هڪ خاص تجربو ثابت ٿيو، روزي دوران ٿورو مٿي ۾ سور ٿيو باقي سڀ ڪجهه سٺو محسوس ٿيو. پهرئين روزي کان پوءِ پوري هفتي جا روزا رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ٽئينر وزي تي سحري وقت سيگفيڊ هڪ تصوير شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٽيون ڏينهن آهي ۽ آئون روزا رکي رهيو آهيان، مون پنهنجو من پسند کاڌو کاڌو ۽ مون کي بک ۽ اڃ محسوس نٿي ٿئي.