مورو (ن پ ا) مورو ۾ عوامي وڪرز پارٽي پاران شاهه عنايت شهيد سوشلسٽ اسڪول منقعد ڪيو ويو، جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ عورتن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڪامريڊ احمد خيام، ڪامريڊ اديب رتڙ، عاليا بخشل ٿلھو خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان عورتن ۽ ٻارن لاءِ خطرناڪ ملڪ بڻجي چڪو آهي، هر ايندڙ ڏينهن ٻارن ۽ عورتن تي جنسي توڙي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو، جنهن جو خاتمو نظام جي تبديلي سان ممڪن آهي، هنن چيو ته عمراني حڪومت هجي يا نواز ليگ، پ پ ھجي يا ڪي پارٽي سموريون هڪجهڙيون آهن، جن ۾ رڳو حصي پتي تي جهيڙو آهي، بنيادي طور سڀئي عوام جي ڦر لٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن اصل معاملو هن نظام جي تبديلي جو آهي.