پاڪستان جا سٺا ڏينهن اچي ويا: مفتاح اسماعيل

0
199
پاڪستان جا سٺا ڏينهن اچي ويا: مفتاح اسماعيل
پاڪستان جا سٺا ڏينهن اچي ويا: مفتاح اسماعيل

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان جا سٺا ڏينهن اچي ويا، پيٽرول سستو ٿيڻ جو فائدو عوام تائين پهچائيندا رهنداسين، پاڪستان کي سريلنڪا ٿيڻ نه ڏينداسين

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس دوران چيو ته عمران خان چوي ٿو سريلنڪا ۾ وزيراعظم جو گهر ساڙيو ويو، خان صاحب ٻڌائي پاڪستان ۾ بحرانن جو ذميوار ڪهڙو وزيراعظم هو

هن چيو ته عمران خان جي نااهلي سبب مهانگائي 20 سيڪڙو تائين پهتي، آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽوڙڻ سبب ملڪ ڊفالٽ ڪرڻ وارو هو

ناڻي واري وزير چيو ته اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃي ۽ ڏکيا فيصلا ڪري ملڪ بچايو، ايندڙ سال لوڊشيڊنگ به نه ٿيندي