اسلام آباد (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽيسٽ ڪرڪيٽر احمد شهزاد چيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن کي شرم هجي ها ته ڏيهه موٽي اچن ها. انهن کي گھرجي ته شوقينن کان معافي وٺن. سوشل ميڊيا تي هن لکيو ته تي جتي اسان حارث رئوف سان پيش آيل واقعي جي مڪمل مذمت ڪيون ٿا اتي اِها ڳالهه به اهم آهي ته رانديگرن طرفان حارث رئوف کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ جيڪي پوسٽون لڳايون ويون آهن اهڙيون پوسٽون ورلڊ ڪپ ۾ سندن خراب ڪارڪردگي تي شوقينن لاءِ معذرت طور به پوسٽ ڪرڻ گهرجن ها. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ احمد شهزاد چيو ته سٺو ٿئي ها جڏهن اِهي رانديگر قوم کان معافي وٺن ها، جيڪڏهن اِهي رانديگر شرمسار هجن ها ته آمريڪا، انگلينڊ ۽ دبئي ۾ موڪلون ملهائڻ بدران ڏيهه واپس موٽي اچن ها.