هراري (اسپورٽس ڊيسڪ) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هڪ ٻئي پاڪستاني ڄائي ڪرڪيٽر کي شامل ڪيو ويو آهي. بلجيئم ۾ جنم وٺندڙ ۽ آسٽريليا ۾ تعليم پرائيندڙ انتم جا والدين پاڪستاني آهن، انتم کي ڀارت خلاف سيريز لاءِ زمابوي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. انتم نقوي لاهور قلندرز جي پليئر ڊيولپمينٽ پروگرام جو به حصو رهي چڪو آهي، 2018 ۾ ٿيندڙ پي ڊي پي ٽورنامينٽ ۾ انتم پرديسي قلندرز جو حصو هو. انتم نقوي زمبابي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندڙ ٻيو پاڪستاني ڄائو ڪرڪيٽر آهي، ان کان اڳ سڪندر رضا زمبابوي جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. واضح رهي ته ڀارتي ٽيم 6 کان 14 جولاءِ تائين زمبابوي سان پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻئي پاسي سڪندر رضا ڀارت خلاف سيريز لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.