لاهور (اسپورٽس نيوز) هڪ ٻئي پاڪستاني جبل چاڙهو فضل علي نانگا پربت کي سر ڪري ورتو، فضل علي شهروز ڪاشف سان گڏ نانگا پربت کي سر ڪيو. واضح رهي ته فضل علي ان کان اڳ ٽي ڀيرا ٻي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو کي سر ڪري چڪو آهي. علم ۾ هجي ته فضل علي جو تعلق گلگت بلتستان جي علائقي شمشال سان آهي.