ڪراچي (شوبز نيوز): پاڪستاني اداڪارا ۽ مادل عفت عمر چيو آهي ته جيڪو هن جي دل چوندي هوءَ ڪندي، نه اداڪاري ڪنديس نه سياست ان ڪري گھر ويٺي آهيان. عفت عمر سوشل ميڊيا تي گھڻي سرگرم آهي. تازو ئي هن هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي هئي. پروگرام جي ميزبان عفت عمر کان سوال ڪيو هو ته سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ يا ڊرامي ۾ مرڪزي ڪردار. جنهن تي اداڪارا چيو هو ته ڪجهه به نه. ميزبان اداڪارا کان پڇيو ته اداڪاري به نه؟ جنهن تي عفت جواب ڏنو ته ڇڏي ڏني آهي. ميزبان پڇيو ته جيڪڏهن سياسي جماعت جي ٽڪيٽ ملي ته. جنهن تي به هن چيوته بلڪل نه. ان ڳالهه تي ٽي وي ميزبان چيو ته ڇا اوهان ٻنهي شين کان پڙدو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته جيڪو سندس دل چوندي هوءَ ڪندي. مون کي اهو ناهي ڪرڻو. جنهن تي ميزبان چيو ته دنيا ۾ جيترن ماڻهن به ترقي ڪئي انهن کي پهريان تنقيد جو نشانو بڻايو ويو پوءِ اوهان کي ماڻهن جي گارين يا تنقيد جو فڪر؟ جنهن تي اداڪارا عفت عمر ٻڌايو ته سندس رول ماڊل بينظير ڀٽو آهي. هن خلاف گھڻن ماڻهن تنقيد ڪئي پر آئون ايتري عظيم ناهيان ان ڪري آئون اهو ڪم نه ڪنديس. گھر ويٺي آهيان ۽ جيڪو ڪم ڪري رهي آهيان ان جي گھڻي عزت ڪندي آهيان.