اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل ملازمن واري ڏنل فيصلي تي نظرثاني وارين درخواستن جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس عمر عطا  بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمت لاءِ ڪا ته ميرٽ ۽ ڀرتي ڪرڻ جو طريقيڪار هجي، هن عدالت آئين  جي تحفظ جو قسم کنيو آهي، عدالت جا فيصلا مستقبل ۾ بطور مثال پيش ڪيا ويندا آهن، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ جيڪڏهن چاهي ته 10 سالن جي سروس ڪندڙ ملازمن کي رليف ڏئي سگهي ٿي، ڪالهه نظرثاني وارين اپيلن تي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ 7 نومبر 1996ع تي انهن ملازمن کي نوڪري تان فارغ ڪيو، جن کي بعد ۾ بحال ڪيو ويو، جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيترن ادارن جا ملازم سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ٿيا آهن، اٽارني جنرل ٻڌايو ته 16 ادارن جا 16 هزار تائين ملازم عدالتي فيصلي سبب متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جو چوڻ آهي ته عدالتي فيصلي سبب 5 هزار ملازم متاثر ٿيا آهن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇا قانون مطابق انهن ملازمن کي پينشن جو حق ڏئي سگهجي ٿو، اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته قانون مطابق انهن ملازمن کي پينشن ڏيڻ جو حق ناهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته آئين سپريم ڪورٽ کي مڪمل انصاف ڏيڻ جو اختيار ڏئي ٿو، هن عدالت پنهنجي ڏنل فيصلي ۾ ملازم ڀرتي ڪرڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو، سرڪاري عهدن تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪو معيار ته هجڻ گهرجي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اهو سچ آهي ته غير آئيني قانونسازي ۾ ملازمن جو ڪو ڪردار نه هو، ملازمن کي بحال ڪرڻ وارو قانون ٻيهر نه ٿو اچي سگهي، ڇاڪاڻ جو عدالت جو فيصلو اچي چڪو آهي، جسٽس قاضي امين چيو ته آئين کان  مٿانهون ڪو گورننس سسٽم ٿي سگهي ٿو؟ حڪومت پهريون ملازمن جي بحالي جي مخالفت ڪئي ۽ هاڻي عدالتي فيصلي تي نظرثاني چاهي ٿي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هي عدالت سنگدل نه هوندي آهي، خبر آهي ته ڪنهن جي گهر جي چلهه وسامي وڃي ته ان جي ڪهڙي حالت هوندي، اٽارني جنرل چيو ته آرڊيننس تحت ڪم جاري رکي سگهجي ٿو جيئن چيئرمين نيب کي ڪم جاري رکڻ لاءِ آرڊيننس آندو ويو، نيب آرڊيننس تحت چيئرمين نيب کي هميشه لاءِ عهدي تي قائم رکڻ آئين ۽ پارليامينٽ جي توهين هوندي، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪالعدم قرار ڏنل قانون بحال نه ٿو ٿي سگهي، حڪومت تعين ڪري ته ملازمن کي رليف ملي سگهندو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا ملازمن کي برطرف ڪرڻ سان 15 هزار نوڪريون ختم ٿي ويون، انهن نوجوانن جو ڇا ڪجي جن جو حق ماريو ويو، جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته هزارين ملازم غيرحاضري، ڪرپشن ۽ مس ڪنڊڪٽ تي نوڪري مان فارغ ٿيا انهن کي ڪيئن بحال ڪري سگهجي ٿو، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل جا دليل جاري هئا ته ٻڌڻي اڄ اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي.