پارليامينٽ کان ڊي چوڪ تائين واري تحريڪ

0
193
لانگ مارچ ڪيترو پرامن هوندو؟

  جنهن وقت عمران خان اليڪشن ڪميشن جا سمورا حڪم لتاڙي لوئر دير واري علائقي ۾ عوامي جلسي کي خطاب لاءِ پهتو ته پارليامينٽ لاجز ٻاهران شاهد خاقا عباسي پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو. ان پارليامينٽ لاجز جي سامهون واري ڊي چوڪ وارو پارليامينٽ ڏانهن ايندڙ رستو مڪمل طور بند هو، جنهن ڪري عام شهري ته پري جي ڳالهه پر سڪيورٽي وارا به پنهنجن فرضن جي ادائگي لاءِ متبادل رستا اختيار ڪري رهيا هئا. شاهد خاقان عباسي پارليامينٽ لاجز کي پارلياماني ميمبرن جو گهر قرار ڏيندي اسپيڪر کان سوال ڪري رهيو هو ته لاجز جڏهن اسپيڪر جي ماتحت آهي ته پوءِ ٻڌايو پوليس کي توهان موڪليو هو؟ شاهد خاقان عباسي کي اهو خدشو به هو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر بي اعتمادي واري ڏينهن ميمبرن کي پارليامينٽ پهچڻ ۾ رنڊڪون وجهي سگهي ٿو، انهن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کان روڪي سگهي ٿو، جنهن ڪري هو اسپيڪر کي ياد ڏياري رهيو هو ته جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته اهو آئين جي ڀڃڪڙي هوندو جنهن تي آئين جو آرٽيڪل ڇهه لڳي سگهي ٿو.

ان وقت ئي گھرو وزير شيخ رشيد پريس ڪانفرنس ڪري ريڊ زون کي رينجرز جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. شيخ رشيد چيو ته هي ته رڳو ٽيلر آهي، ٻيهر آيئو ته دهشتگردي جا پرچا توهان تي داخل ٿيندا. ان وقت ئي ايمبيسي روڊ تي پيپلزپارٽي وارا پريس ڪانفرنس لاءِ پهتا هئا، جنهن وقت پيپلزپارٽي وارا پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا ته ان وقت ئي شهباز شريف، مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ پهتو هو. جنهن دوران بي اعتمادي جي رٿ جي ڪاميابي لاءِ انگن اکرن جو حساب ڪتاب ٿي رهيو هو، تڏهن وزيراعظم لوئر دير واري تقرير جي شروعات ئي هر سياسي ملاقات ۽ پريس ڪانفرنس جي اهميت کي ثانوي بڻائي ڇڏيو هو. جيڪي پريس ڪانفرنس ڪرڻ آيا هئا اهي پڇي رهيا هئا ته ڇا ٿيو جن کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم چئي رهيو آهي ته آرمي چيف ۽ هن جي ڳالهه ٻول ٿي آهي جنهن ۾ آرمي چيف کيس منع ڪيو آهي ته هو مولانا فضل الرحمان کي ڊيزل چئي مخاطب نه ٿئي.

وزيرعاعظم جي اهڙي ڳالهه تي ملڪ جي سينئر سياسي قيادت سان گڏ ميڊيا وارا به حيران هئا ته وزيراعظم آرمي چيف سان ٿيل ڳالهه ٻول کي ائين جلسي ۾ بيان ڪري رهيو آهي! وزيراعظم جي اهڙي ڳالهه سان هڪ ته اهو ثابت ٿيو ته آرمي چيف جي وزيراعظم سان موجوده سياسي صورتحال تي لاجز تشدد واري صورتحال کان پوءِ واري ماحول تي ڳالهه ٻول ٿي آهي. مطلب ته ڳالهه ٻول جو موضوع سياسي رهيو. ان کان هڪ ڏينهن اڳ جنهن وقت لاجز جنگ جو ميدان نظر اچي رهيو هو ان وقت ئي راولپنڊي ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر پريس ڪانفرنس دوران چئي رهيو هو ته فوج جو سياست سان ڪو تعلق ناهي.

وزيراعظم چيو پئي ته مون کي روڪيو ٿو وڃي ته مان لنڊن ويل کي ڀڳوڙو نه سڏيان، جنهن جو مقصد اهو ٿيو ته وزيراعظم رڳو اليڪشن ڪميشن جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ئي ڀڃڪڙي نه ڪري رهيو هو پر وزيراعظم آرمي چيف جي مشوري کي به مڃڻ کان انڪاري هو. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ نيوٽرل رهڻ واري ڳالهه سان به اتفاق نه ڪيو، سندس چوڻ هو ته نيوٽرل صرف جانور هوندا آهن، مخالف ڌر وارا روز جي بنياد تي چوندا هئا ته اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور مان فون اچڻ جون شڪايتون به سامهون آيون، جنهن کانپوءِ چيو ويو ته فون اچڻ جو سلسلو بند آهي. فون ڪال تي مخالف ڌر وارا شايد خوش نظر اچي رهيا آهن، جڏهن وزيراعظم فون ڪال وارا مشورا نه رڳومڃڻ  کان انڪاري آهي پر نيوٽرل رهڻ واري موقف سان به اتفاق ناهي ڪيو.

هون ته شيخ رشيد سدائين پاڻ کي پنڊي جو ترجمان سڏيندو رهيو آهي پر هاڻي جڏهن پريس ڪانفرنس ڪندو ته اهو سوال کائنس ضرور ٿيندو ته توهان مشورن کي درست سمجهو ٿا يا وزيراعظم کي. ان  کان اڳ ته شيخ رشيد معاملي کي هڪ ئي پيج تي ڏسندو رهيو آهي، ان کان اڳ جڏهن ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفيڪشن جو معاملو ٿيو ته به شيخ رشيد معاملي کي سلجهيل ئي قرار ڏنو هو. هون ته شيخ رشيد هاڻي پنهنجي پريس ڪانفرنس مختصر ڪندو آهي، ساڳئي وقت اهو به چوندو آهي ته کانئس سندس وزارت بابت سوال ڪيا وڃن، اهو به ٻڌائيندو آهي ته هو پي ٽي آءِ جو نه پر عوامي مسلم ليگ جو آهي. کانئس پوءِ به هر قسم جو سوال ڪيو ويندو آهي پر سندس مشورن تي عمران خان وارا عمل ناهن ڪندا. چوڌري فواد جي تقرير دوران شيخ رشيد اٿي ڊائس تي اچي فواد جي تقرير روڪي کيس چيو ته منهنجو توهان کي مشورو آهي ته ميڊيا سان جهيڙو ڇڏيو.

شيخ رشيد گذريل ڏينهن به عمران خان جي پريس ڪانفرنس دوران مشورو ڏئي رهيو هو ته جھانگير ترين سان رابطو ڪيو پر هاڻي شيخ رشيد جي مشورن جي شايد اهميت ناهي رهي. جيڪڏهن شيخ رشيد جي مشورن تي عمل ٿئي ها ته هو ڪابينا جو تڪڙو منسٽر آهي، هو ڪابينا ۾ مشورا ڏيڻ بدران پريس ڪانفرنس ۾ ڇو مشورا ڏئي ها. پيپلزپارٽي جي هڪ اڳواڻ مون کان سوال ڪيو ته چوڌري فواد وزيراعظم سان گڏ ڪراچي ويو هو، بلاول ڀٽو کان به اهو پڇيو ويو ته نديم افضل چن اچي ويو آهي ته چوڌري فواد به واپس اچي سگهي ٿو، جنهن تي بلاول ڀٽو چيو ته نديم افضل چن صرف هڪڙو آهي، جڏهن ته حڪومت جي ترجمان جهڙا بازار ۾ سوين آهن. هاڻي ئي ڪنهن کي چيو پئي ته مملڪتي وزير فرخ حبيب ايترن ڏينهن کان چپ ڇو هو. سردار يار محمد رند وارا ته کلي سامهون آيا آهن. هينئر ته پيپلزپارٽي جي فيصل ڪريم ڪنڊي پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو آهي ته عمران خان شيخ رشيد سان ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي صحافين کان ئي پڇيو ته جيڪا آڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن تي عمران خان شيخ رشيد کان پري ٿي ويو آهي، ان جي خبر اٿو.؟

عمران خان آرمي چيف جي مولانا فضل الرحمان جي نالي نه بگاڙڻ واري مشوري کي به تلسيم نه ڪيو. عمران خان اليڪشن ڪميشن جي چونڊ ضابطن جي به ڀڃڪڙي ڪري چڪو. عمران خان شيخ رشيد جا مشورا به نه مڃيا، عمران خان کان پنهنجا به پاسيرا ٿي چڪا آهن. بي اعتمادي واري رٿ جو ڏينهن جڏهن اچي ان کان اڳ ئي عمران خان ڊي چوڪ تي عوامي سمنڊ وارو اعلان ڪري چڪو آهي. ان کان اڳ ته مولانا فضل الرحمان کان وٺي شاهد خاقان عباسي تائين انهي فڪر ۾ هئا ته جيڪڏهن ميمبرن جو تعداد 172 کان وڌيڪ به هجي جيڪڏهن اسپيڪر انهن جا ووٽ قبول نه ڪري ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جنهن جي بنياد تي پيپلزپارٽي، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ ميمبرن تي ٻڌل قانوني ٽيم به جوڙي وئي آهي، جنهن جو اجلاس زرداري هائوس تي جاري آهي. جڏهن چوڌري ڀائرن کان ويندي ايم ڪيو ايم تائين وزيراعظم کي به چانهه پياري رهيا آهن ته مخالف ڌر وارن جي به چانهه پي رهيا آهن. مولانا جي گهر جڏهن چوڌري شجاعت آيو هو تڏهن اهو سوچيو ويو ته چوڌري پرويز ۽ مونس الاهي ڪٿي آهن ته آصف زرداري سان به چوڌري شجاعت ملڻ ويو هو.

 شهباز شريف وارا چوڌري ڀائرن تي ناراض آهن ته انهن سندن دعوت قبول ڪري مانجهاندي تي نه آيا، پر هاڻي به ڪنهن کي پڪ ناهي ته اتحادي ڪهڙي پاسي هوندا. مخالف ڌر جي اجلاس کان ٻاهر نڪرندڙ شخص ٻڌايو پئي ته هي حڪومت ته ختم ٿي چڪي آهي، ايندڙ سيٽ اپ جي پريشاني ۾ آهيون. مولانا فضل الرحمان جي گهر پوري ملڪ مان ڪارڪنن جي اچڻ جو جتي سلسلو جاري آهي، اتي ئي مخالف ڌر جا ايم اين اي به انهي پريشاني ۾ مبتلا آهن ته سندن گهرن ۾ شاديون آهن پر ڪيڏانهن نڪرڻ جي اجازت ڪونهي.

هي جيڪا مخالف ڌر واري قانوني ٽيم ان ڳالهه تي غور ويچار ڪري رهي آهي ته جيڪڏهن اسپيڪر بي اعتمادي واري ڏينهن ميمبرن کي ووٽ ڪرڻ نه ڏنو ته پوءِ ڇا ڪجي؟ جيڪڏهن معاملو يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ چيئرمين واري چونڊ جيان ڪورٽن حوالي ٿي ويو ته پوءِ عمران خان وارا پاڻ کي ڪامياب سمجهندا، جيستائين قانوني ٽيم ڪو حل ڪڍي، تيستائين انهي قانوني ٽيم جي ميمبرن ڪامران مرتضيٰ جي زخمي ٿيڻ تي وڪيلن عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي.

اسان اهڙي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن جي يو آءِ وارن وٽ پهتاسين ته اهي ان معاملي جو بيان جاري ڪري رهيا هئا ته سينئر صحافي بتول راجپوت کي پي ٽي آءِ جي عورت ميمبر گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي، ان جي مذمت ڪريون ٿا.  هاڻي اسپيڪر کي منهن ڪيئن ڏجي کان وڌيڪ اهو سوال بحث هيٺ آهي ته هي جيڪو عمران خان بي اعتمادي رٿ واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي ڪنٽينر کي ڊي چوڪ تي آڻڻ جو اعلان ڪندي چوڪ تي عوامي سمنڊ آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان سان بي اعتمادي کان وڌيڪ عدم برداشت واري تحريڪ نظر اچي ٿي، جنهن ڪري هڪ پاسي جتي عمران خان سخت ٻولي ڳالهائي رهيو آهي ته اتي بلاول ڀٽو، شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان  به سخت ٻولي ڳالهائي رهيا آهن. هينئر ته راجا پرويز اشرف به چوي پيو ته اسان به ساڳئي ڏينهن اچي سگهون ٿا. عمران خان به چوي پيو ته منهنجي دعا قبول ٿي آهي، هنن منهنجي خلاف بي اعتمادي جي رهٿ ڏني آهي، هاڻي قومي اسيمبلي اندر ميمبر ڪيترا پهچندا، کان اڳ ڊي چوڪ تي ڪارڪن ڪيترا پهچندا جهڙا سوال بحث جو موضوع بڻيل آهن.