اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اين اي 154 لوڌران ۾ ٻيهر ڳڻپ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته پارليامينٽ جي ٺاهيل قانون ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حق ڏنو ويو، اسان اِن اختيار کي ڪيئن ختم ڪري سگهون ٿا. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪيسز ٻڌڻي جي لاءِ جلد مقرر ٿيندا آهن ته وڪيلن جي تياري ناهي هوندي، ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. ن ليگ جي اميدوار عبدالرحمان جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته تازو عام چونڊن ۾ ڪاميابي جو تناسب 6 هزار کان وڌيڪ ووٽ هيو، ست هزار کان وڌيڪ ووٽر رد ٿيا، ڪاميابي جو تناسب پنج سيڪڙو کان گهٽ هجي ته ٻيهر ڳڻپ ڪري سگهجي ٿي، پي ٽي آءِ اميدوار فراز نون جي وڪيل حامد خان عدالت کي ٻڌايو ته ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جي درخواست رد ڪرڻ جي فيصلي کي چئلينج ئي ناهي ڪيو ويو. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن هڪ ڪيس کي 155 ڪلاڪ ٻڌنداسين ته سپريم ڪورٽ چوڪ ٿي ويندي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.