پارس شاهه ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي آخري مهلت

0
326
پارس شاهه ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي آخري مهلت
پارس شاهه ڪيس ۾ جاچ آفيسر کي آخري مهلت

حيدرآباد: حيدرآباد جي عدالت پارس شاھ قتل ڪيس ۾ ڪچو چالان پيش نه ڪرڻ تي جاچ آفيسر کي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي

سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، پوليس گرفتار جوابدار اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪيو

جوابدارن جي وڪيلن طارق شاهه ۽ خادم حسين لغاري عدالت کي آگاهي ڏني ته

ڪالهه واري ٻڌڻي تي جاچ آفيسر پيش نه ٿيو، جنهن کي اڄ ڪچو چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو پر اڄ به چالان پيش ناهي ٿيو

عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان عدالتي حڪم باوجود چالان پيش ڇو ناهي ڪيو؟ هر ڀيري رڳو مهلت ٿا گهرو

جاچ آفيسر آگاهي ڏني ته ڪيس ۾ اڃا 2 جوابدار غلام نبي شاه ۽ فرزانه شاهه روپوش آهن، ڪوشش آهي ته انهن کي گرفتار ڪرڻ بعد چالان پيش ڪيون

جوابدارن جي وڪيل الزام هنيو ته اسرار شاهه ۽ ديدار شاهه کي تشدد جو نشانو بڻائي کائن اعترافي بيان ورتا ويا، اڃا تائين ديدار شاهه جي امڙ حسنا شاهه سميت کنڀيل 2 ڄڻا گم آهن

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد جاچ آفيسر کي ڏنل شوڪاز برقرار رکيو ۽ کيس حڪم ڏنو ته ايندڙ شنوائي تي چالان هر صورت ۾ پيش ڪيو وڃي