ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي) سنڌ هاءِ ڪورٽ پائيٽ نوابشاهه ۾ غيرقانوني پروموشن  خلاف داخل ڪيل درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، تعليم۽ سروسز  وارن سيڪريٽرين کي نوٽيس جاري ڪندي 24 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي، درخواست گذار ربڏنو شاهاڻي جي وڪيل بئريسٽر غلام شبير ٻٻر عدالت کي ٻڌايو ته تعليم کاتي استادن جي تربيتي اداري پائيٽ نوابشاهه ۾ ٽيچنگ ڪيڊر جي سينيئر انسٽرڪٽر ظهير چانگ، مير حسن ڏاهري ۽ ٻين کي غيرقانوني طور ٽيچنگ ڪيڊر مان ايڊمن ڪيڊر ۾ ڊائريڪٽ 19 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي آهي، جيڪو عمل سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو ته تعليم وارو سيڪريٽري پهريان عدالت کي خاطري ڪرائي چڪو آهي ته پائيٽ ۾ ٽيچنگ ڪيڊر جي ڪنهن به ملازم کي ايڊمن ڪيڊر ۾ پروموٽ نه ڪيو ويندو، پائيٽ جا رڪروٽمينٽ رولز 2011ع درست ڪري بعد ۾ پروموشن ڪيا ويندا، تازين  ترقين ۾ تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري عدالت سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، رولز کي فائنل ڪرڻ بدران ملازمن جا ڪيڊر تبديل ڪري من پسند ملازمن کي فائدو ڏنو ويو آهي.