پئٽرول ليوي سڀاڻي کان نه لڳندي، ريٽيلرز تي ٽيڪس سڀاڻي کان لڳڻ وڃي پيو: محمد اورنگزيب

0
45
پئٽرول ليوي سڀاڻي کان نه لڳندي، ريٽيلرز تي ٽيڪس سڀاڻي کان لڳڻ وڃي پيو: محمد اورنگزيب
پئٽرول ليوي سڀاڻي کان نه لڳندي، ريٽيلرز تي ٽيڪس سڀاڻي کان لڳڻ وڃي پيو: محمد اورنگزيب

پئٽرول ليوي سڀاڻي کان نه لڳندي، ريٽيلرز تي ٽيڪس سڀاڻي کان لڳڻ وڃي پيو، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پئٽروليم ليوي ۾ 10 رپيا اضافو ڪيو آهي پر اها فوري طور تي لاڳو ڪرڻ نه پيا وڃون، ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ 42 هزار ريٽيلرز تي سڀاڻي کان ٽيڪس لڳڻ وڃي پيو

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته پي ڊي ايم جي ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل 2022ع ۾ ريٽيلرز تي ٽيڪس لڳائڻ جو درست قدم کنيو هو، جيڪو واپس نه وٺڻ گهرجي ها، سرڪاري ملازمت اختيار ڪندڙن تي سڀاڻي کان نئين پينشن اسڪيم لاڳو ٿي ويندي

هن چيو ته  هٿياربند فوج کي نئين پينشن اسڪيم کان هڪ سال جي ڇوٽ ڏني وئي آهي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ضروري آهي، مالياتي اداري سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، جولاءِ ۾ ڊگهي مدي وارو معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي

وفاقي وزير چيو ته  پي ايس ڊي پي بدران پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي وينداسين، پي ايس ڊي پي تي اسان ڪٽ هنيو آهي، سنڌ جيان وفاق ۾ به پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تي وڃڻو پوندو

هن چيو ته صوبن سان روينيو ۽ خرچن تي مشاورت شروع ڪئي آهي، صوبن کي چئي رهيا آهيون ته پنهنجا خرچ پاڻ برداشت ڪن، اهڙا منصوبا جيڪي رڳو صوبن جا آهن، اهي صوبا پنهنجي سالياني پلان ۾ آڻين