سڊني(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڏکڻ آفريڪا بنگلاديش کي 104 رنز ۽ ڀارت نيڌرلينڊ کي 56 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڏکڻ آفريڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 205 رنز ٺاهيون. رلي روسو 109 ۽ ڊي ڪوڪ 63 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيا. بنگلاديش طرفان شڪيب الحسن 2 وڪيٽون ورتيون. بنگلاديش 16.3 اوورن ۾ 101 رنز تي پوري ٽيم ڍير ٿي وئي. لٽن داس 34 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ڏکڻ آفريڪا طرفان نورٽجي 4 ۽ تبريز شمسي 3 وڪيٽون ورتيون. رلي روسو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي ميچ ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 179 رنز ٺاهيون. ويرات ڪوهلي 62، روهت شرما 53 ۽ سوريا ڪمار ياديو 25 بالن تي 51 رنز جي اننگ کيڏي نمايان رهيا. نيڌرلينڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 123 رنز ٺاهي سگهي، ڀونيشور، ايشون، ارشديپ، اڪسر پٽيل 2-2 وڪيٽون ورتيون. سوريا ڪمار ياديو کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.