ڪراچي (اسپورٽس نيوز)  ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ مجموعي ڪارڪردگي جي لحاظ کان افغانستان جو اوپنر رحمان الله گرباز 281 رنس ٺاهي ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنس ٺاهيندڙ بيٽرز جو اعزاز ماڻيو، ڀارت جي روهت شرما، 257، آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ 255 ۽ ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ 234 رنس اسڪور ڪيون، بالنگ ۾ افغانستان جي فاسٽ بالر فضل الحق فاروقي ۽ ڀارت جي ارشديپ سنگهه 17—17 وڪيٽس حاصل ڪيون، ڏکڻ آفريڪا جي اينرخ نوڪيا ۽ ڀارت جي جسپريت ڀمراهه 15-15 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، ارشديپ سنگهه ۽ فضل الحق فاروقي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي هڪ ايڊيشن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽس وٺڻ جو رڪارڊ ٺاهيو، ڀارتي بالر جسپريت ڀمراهه ٽورنامينٽ ۾ 110 ڊاٽ بالز ڪرايا، اڪانامي ريٽ 4.17 رهيو، اهو به هڪ ٽورنامينٽ ۾ رڪارڊ آهي