دبئي (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين محمد رضوان ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ هڪ هڪ نمبر پوئتي ٿيڻ بعد چوٿين ۽ پنجين نمبر تي اچي ويا، رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو کان پهرين پوزيشن کسجي وئي، سوريا ڪمار ڊسمبر 2023ع کان پهرين پوزيشن تي قبضو ڪري ويٺو هو، آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ 4 درجا ترقي بعد پهرين نمبر تي قبضو ڪري ورتو، رينڪنگ ۾ سوريا ڪمار ٻئي، فل سالٽ ٽئين، بابر اعظم چوٿين ۽ محمد رضوان پنجين نمبر تي اچي ويا، رينڪنگ تحت ويسٽ انڊيز جو جانسن چارلس 4 درجا ترقي ماڻي 10 پوزيشن تي اچي ويو، افغانستان جو رحمان الله گرباز 5 درجا ترقي بعد 11هين نمبر تي اچي ويو، آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي وانندو هسارانگا ٻيهر پهرين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو، افغانستان جو محمد نب 2 درجا ترقي ماڻي ٻئي نمبر تي اچي ويو، ڀارت جو هاردڪ پانڊيا 4 درجا ترقي بعد ٽئين نمبر تي اچي ويو، بالرز جي رينڪنگ ۾ انگلينڊ جو عادل رشيد پهرين نمبر، افغانستان جو راشد خان ٻئي، وانندو هسارانگا ٽئين، جوش هيزل ووڊ چوٿين، عقيل حسين پنجين، ايڊم زمپا ڇهين نمبر تي موجود آهن.