ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جا ايليٽ ٽورنامينٽ ٿيندا: ڊوميسٽڪ سسٽم ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو

0
12
ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جا ايليٽ ٽورنامينٽ ٿيندا: ڊوميسٽڪ سسٽم ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو
ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جا ايليٽ ٽورنامينٽ ٿيندا: ڊوميسٽڪ سسٽم ۾ وڏي تبديلي جو فيصلو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سسٽم ۾ هڪ ڀيرو وري تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٽي ٽوئنٽي، ون ڊي ۽ فرسٽ ڪلاس ٽنهي فارميٽس جي ايليٽ ٽورنامينٽ ڪرايا ويندا، جنهن ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽرن جي شرڪت لازمي هوندي. ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بدترين ڪارڪردگي کانپوءِ قومي ٽيم ۽ مئنيجمينٽ مان وڏن نالن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جو امڪان آهي

ذريعن موجب، پي سي بي چيئرمين ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن ۽ تمام جلد اهم اعلان ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن فيصلن ۾ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن ۽ سينيئر مئينجر وهاب رياض جي رپورٽ اهم هوندي. ان کانسواءِ ڊوميسٽڪ سسٽم ۾ هڪ ڀيرو وري تبديلي جا افواهه گردش ڪري رهيا آهن

ذريعن موجب، معمول جي ٽورنامينٽس کانسواءِ فرسٽ ڪلاس، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جا 3 ايليٽ ٽورنامينٽس ڪرايا ويندا، گذريل سيزن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي سليڪٽرز پنج ٽيمن جي چونڊ ڪندا. ڄاڻايل ٽورنامينٽس ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽڊ رانديگرن جي شرڪت لازمي هوندي ۽ پاڪستان ٽيم ۾ اچڻ لاءِ فارم ۽ فٽنس سان گڏ ايونٽس جي ڪارڪردگي پهريون ڏاڪو هوندو

ان دوران ڪنهن کي پرڏيهي ليگز لاءِ اين او سي  نه ڏنو ويندو، ٽيمن کي وڏن بزنس هائوس يا ملٽي نيشنل ڪمپنيون اسپانسر ڪنديون، سليڪٽر هر فارميٽ جي 5، 5 پرفارمرز کي ٽيمن لاءِ چونڊيندا ته جيئن سموريون ٽيمون برابر هجن. باقي 10، 10 رانديگرن جي چونڊ انتظاميا، ڪپتان، ڪوچز ۽ ٽيم خريدڻ واري انتظاميا جي مشاورت سان ٿيندي