اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايف بي آر ۽ نادرا وچ ۾ ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، نادرا ۽ ايف بي آر جي عملدارن تي مشتمل اعليٰ سطحي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي قائم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جنھن جو سربراھه چيئرمين نادرا ليفٽيننٽ جنرل محمد منير افسر هوندو. ڪاميٽي ميمبرن ۾ چيف پروجيڪٽ آفيسر نادرا سميت نادرا جا ٻه سينيئر آفيسر شامل ھوندا. ڪاميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ سي اي او پرال ۽ ٻه سينيئر آفيسر ايف بي آر  مان شامل ھوندا. ايف بي آر ۽ نادرا ٽيڪس ڏيندڙن جي اصل آمدني، ٽيڪس ادا ڪندڙن جي نئين رجسٽريشن ۽ نان فائلرز جي ٽيڪس پروفائل جو جائزو وٺندا. ذريعن موجب نادرا هاڻي ايف بي آر کي ڊيٽا فراهم ڪرڻ جو پابند هوندو.