ڪراچي(نمائندن وٽان+م ڊ) حڪومت طرفان ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ رڪارڊ ٽيڪسز ۽ بجلي جي قيمت ۾ واڌ خلاف راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور، ڪراچي، سکر، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾ واپارين احتجاج ڪيو آهي. راولپنڊي ۾ واپاري تنظيمن جي گروپ بندي سبب سمورين مارڪيٽن ۾ علامتي طور تي 2 ڪلاڪن تائين شٽربند هڙتال نه ٿي سگهي پر واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي. واپارين بجلي جي بلن ۾ لڳايل ٽيڪسز جي خلاف نعريبازي ڪئي، بجلي ۽ گيس جا بلز به ساڙي ڇڏيا. راولپنڊي جي بينڪ روڊ تي احتجاجي مظاهري ۾ ڪشمير روڊ، حيدر روڊ ۽ ٻين بازارن جا واپاري به شامل ٿي ويا. واپارين جي هڪ ڌڙي 4 وڳي تائين علامتي طور تي ڪاروبار بند رکي احتجاج به ڪيو. ٻئي پاسي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف آل پاڪستان انجمن تاجران جي سڏ تي اسلام آباد جي آبپاره چوڪ ۾ واپارين احتجاج ڪيو ۽ آبپاره جو مرڪزي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. روڊ بلاڪ ٿيڻ کان پوءِ پوليس جي وڏي نفري مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ پهتي جڏهن ته سموري شهر جي واپارين جا قافلا آبپاره چوڪ احتجاج جي لاءِ پهتا. ان کان علاوه پشاور ۾ ٽيڪس لاڳو، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي جي خلاف واپارين احتجاجي ريلي ڪڍي. واپارين جي تنظيمن طرفان ميلاد چوڪ کان يادگار چوڪ تائين ريلي ڪڍي. ريلي ۾ شريڪ مظاهرين بجيٽ ۾ لڳايل ٽيڪس جي خاتمي، بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. پئٽروليم مصنوعات بجلي جي بلن ۾ اضافي ٽئڪس مڙھڻ ۽ ڳاٽي ٽوڙ  مھنگائي خلاف گلاب لغاري شهر ۾ دڪاندارن ۽ واپارين پاران ڏنل ھڙتال جي سڏ جي موٽ ۾  شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا روڪ ھڙتال ڪئي وئي جنهن سبب شھر ۾ ڪاروبار مڪمل طور تي بند ٿي ويو جڏهن ته گلاب لغاري کان شيخ ڀرڪيو چمبڙ ٽنڊو غلام علي ۽ صابن دستي ڏانهن ويندڙ روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ بند هئڻ سبب مسافرن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو ٻئي پاسي شھرين نظير احمد شاھاڻي فقير علي نواز مير الله بخش ٽالپر ۽ ٻين مظاهري کي خطاب ڪيو. سکر جي واپارين جي مختلف تنظيمن ٽي الڳ الڳ ريليون ڪڍي گهنٽا گهر چوڪ ۽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرا ڪيا. بجلي مهانگي، لوڊشيڊنگ نا منظور، وفاقي حڪومت خلاف زورداري نعريبازي ڪئي وئي. سکر اسمال ٽريڊرز پاران صدر حاجي جاويد ميمڻ، محمد عامر فاروقي، صفيه بلوچ، رضوان قادريءَ،  آل سکر سمال ٽريڊرز اينڊ ڪاٽيج انڊسٽريز جي باني حاجي هارون ميمڻ، شبير ميمڻ، عتيق هاشمي، جنيد شيخ ۽ تاجر سپريم ڪونسل پاران صدر حاجي شفيع عباسي، چندر ڀان بختيارپوري، ممتاز لڪي جي اڳواڻيءَ ۾ ريليون ڪڍيون ويون. خيرپور ۾ وفاقي حڪومت طرفان بجلي بلن ۾ اضافي ٽيڪس لڳائڻ خلاف واپارين پنجگلا چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي الطاف ميمڻ، الطاف لاشاري، علي ڦلپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ وڌنڌڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت جي ڪري غريب عوام جي گهرن جي چلهه وسامجي وئي آهي، تجارتي سرگرميون ٺپ ٿي ويون آهن، صنعتون تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪيون آهن، ان جي باوجود حڪومت هاڻوڪي بجيٽ ۾ بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ سليب ريٽ جي ذريعي 200 يونٽ جي استعمال تي بل ڪجهه  ۽ 201 يونٽ جي استعمال تي بجلي جي بل ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو آهي، جيڪو عمل غريب عوام کي جيئرو دفن ڪرڻ جي مترادف آهي، هنن چيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ، ڊيڊڪشن بل، اوور بلنگ جي ڪري واپاري ۽ شهري بل ادا ڪرڻ جي سڪت نه ٿا رکن، مهانگي بجلي جي ڪري صنعتون بند، ڪاروبار تباهه ٿي ويو آهي، ان جي باوجود حڪومت عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي بجاءِ آءِ ايم ايف جي چوڻ ته وڌيڪ بجلي مهانگي ۽ لوڊشيڊنگ ۾ اضافو ڪري عوام کان جيئڻ جو حق کسي رهي آهي.