ٽيم ۾ آپريشن جو وقت اچي ويو: فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام رانديگرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

0
45
ٽيم ۾ آپريشن جو وقت اچي ويو: فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام رانديگرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو
ٽيم ۾ آپريشن جو وقت اچي ويو: فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام رانديگرن کي نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي فٽنس جو مشن زور پڪڙيو ويو ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ۾ يو يو ٽيسٽ جي واپسي ٿي آهي. ڪيئي سالن  کان ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ ۾ يو يو ٽيسٽ نه ٿي رهي هئي، هاڻ ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ خرم نيازي فٽنس بهتر بڻائڻ لاءِ پلان منظور ڪري ورتو آهي

پلان موجب، ٻن مرحلن ۾ فٽنس ٽيسٽ جو انعقاد ڪيو ويندو، پهرئين مرحلي ۾ سڄي ملڪ ۾ 11 جولاءِ کان فٽنس ٽيسٽ ورتي ويندي، پهريان ڊسٽرڪٽ ۽ پوءِ ريجنل سطح تي فٽنس ٽيسٽ ورتي ويندي. پي سي بي چيئرمين محسن نقوي مشن فٽنس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ فٽنس ٽيسٽ ۾ ناڪام ٿيندڙ رانديگر کي قومي ٽيم سان گڏ ريجنل مان به ڊراپ ڪيو ويندو

ڊائريڪٽر ڊوميسٽڪ خرم نيازي ريجنل ڪانٽريڪٽس سميت ٽيم سليڪشن فٽنس ٽيسٽ سان مشروط ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽرز، انٽرنيشنل ڪرڪيٽرز ۽ قومي ڪرڪيٽرز کي يو يو ٽيسٽ سميت سمورا فٽنس ٽيسٽ پاس ڪرڻ لازمي هوندا