پرٿ(اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم چيو آهي ته منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته هر ميچ ۾ سٺو پرفارم ڪيو وڃي. بابراعظم آءِ سي سي ڊيجيٽل کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن چيو ته ٽيم جي ڊيمانڊ هوندي آهي ته مان پرفارم ڪريان ۽ ميچ کٽرائي ڏيان. هن چيو ته ڪپتان طور منهنجو ڪم آهي ته ٽيم کي اعتماد ڏيان ۽ هنن کان پرفارمنس وٺان، ڪپتاني ۾ مينجمنٽ ڪافي سکڻ لاءِ ملي آهي ته ڪهڙي رانديگر کان ڪيئن  ڪهڙو ڪم وٺڻو آهي. ڪپتان چيو ته بيٽر طور ڪوشش هوندي آهي ته هر ڀيري اهڙي پرفارم ڪريان جو پاڪستان لاءِ بهتر هجي. بابراعظم اهو به چيو ته دنيا جي وڏن رانديگرن سان گڏ منهنجو نالو ورتو ويندو آهي جنهن سان اعتماد ملندو آهي.