# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … ٿڦڙ ٽوئيٽ تي ٽاپ ٽرينڊ، پر ٿڦڙ لڳي ڪنهن کي ؟

0
110

 ٽوئيٽر تي ٿڦڙ ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ جا حامي هڪٻئي خلاف پوسٽون شيئر ڪندا رهيا پوسٽن ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف کي ٿڦڙ هنئي وئي آهي ڪجهه ماڻهن وري چيو ته عمران خان کي ٿڦڙ هنئي وئي آهي. اڪثڙ ماڻهو وري تصديق لاءِ اهو پڇندا رهيا ته ٿڦڙ ڪنهن کي لڳي آهي. اڪثر ماڻهن پوسٽون شيئر ڪيون ته ٽوئيٽر تي خبرون ھلي رهيون آهن ته وزيراعظم هائوس اندر ڪنهن وزيراعظم شهباز شريف کي چماٽ هنئي آهي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ پاڪستاني عوام کي پنهنجي حفاظت ڪرڻ گهرجي. امير علي مري پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوئيٽر تي ڳالھه پئي هلي ته زمان پارڪ ۾ ڪنهن اڳوڻي همراهه کي وري ٿڦڙ لڳا آهن ڳالهه سچي آ الائي ڪوڙي؟ سيف الله پنهور پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوئيٽر تي اڄ ھيش ٽيگ ۾ ٿڦڙ شريف ٽاپ ٽرينڊ ھلي رھيو آھي اصل ماجرا آھي ڇا؟ ڪنهن کي چماٽ لڳي آهي ڪير ٻڌائيندو؟ منتظر حسين پوسٽ شيئر ڪئي ته اڄ ٽوئيٽر تي چماٽ ٽاپ ٽريڊ ڪري رهيو آهي.  ڇا! عمران نيازي کي عدم اعتماد رٿ پيش ڪرڻ وقت جيڪا چماٽ لڳي ان جي ڪٿي ورسي ته نه پئي ملهائي وڃي؟؟ نورالدين بلوچ پوسٽ شيئر ڪئي ته اڄ ٽوئيٽر تي چماٽ ٽاپ ٽريڊ ڪري رهيو آهي. ڇا! عمران نيازي کي عدم اعتماد رٿ پيش ڪرڻ وقت جيڪا چماٽ لڳي ان جي ڪٿي ورسي ته نه پئي ملهائي وڃي؟ آصف ڪي زيڊ پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوئيٽر تي ٿڦڙ جي گونج هلي رهي آهي، جي اي قناسرو پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوئيٽر تي زوردار چماٽ ٿڦڙ هڻڻ جا قصا ٿا هلن، آئون نه مڃيندس، ان معاملي تي هاڻوڪي وزيراعظم کي سندس هائوس ۾ ٿڦڙ چماٽون هنيون ويون آھن، قوم پنهنجي حفاظت پاڻ ڪري، ڳالھه ڳاٽي کان چڙھي وئي آهي، خرم شهزاد لکيو ته ٽوئيٽر چماٽن جا قصا هلن ٿا ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي آهي، آدم پتافي پوسٽ شيئر ڪئي ته ٿڦڙ شريف ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو آهي،

جنهن تي عابد فراز لکيو ته ٻنهي ڀائرن چنبا کائڻ جو قسم کنيو آهي. عمران بلوچ ٽرينڊز جي تصوير شيئر ڪئي، مجتبيٰ محمد يارلنڊ لکيو ته هو چوندو هو ته غريب پيءُ جو پٽ آهيان پر پٽوارين کي يقين نه هو، مجبورن زلزلي متاثرن جي امداد کائي ثابت ڪرڻو پيو، منصور ڀٽو لکيو ته خان کي به آخري رات ڪٽڪو لڳو ھو ھن کي لڳو ته ڇا ٿي پيو. عزت اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، سيد نويد احمد به ردعمل ڏنو، سولنگي واحد به ردعمل ڏنو، جمال الدين چنا لکيو ته وڏي ڀاءُ مشرف کان مار کاڌي هئي ننڍي ڀاءُ وري هاڻي مار کاڌي، راشد مري لکيو ته ڪوڙ آھي ھي پي ٽي آءِ وارا ڪوڙي پروپيگنڊا ڪن ٿا، ڀورل بلوچ ۽ فخر بلوچ به ردعمل ڏنو، مهتاب علي گبول لکيو ته ماڻهن کي عمران واري چماٽ وسري وئي، ذوالفقار علي کوکر لکيو ته پوري دنيا ۾ ڪرونا جو صرف ھڪ مريض آھي اھو ڪھڙو آھي، صدام حسين، خليل، علم چاچڙ، اسماعيل شر به ردعمل ڏنو.ان ٽرينڊ ۾ مختلف شخصيتن ۽ ادارن جي نالن سان جعلي تصويرون ٺاهي به ٽرينڊ شيئر ڪيا ويا، جنهن تي غريده فاروقي پنهنجي وائرل ٿيل جعلي ٽوئيٽ تي چيو ته فيڪ نيوز، پروپيگنڊا جو هڪ ٻيو مثال، منهنجي ٽوئيٽر سان منسوب جعلي ٽوئيٽ وائرل ڪيو پيو وڃي ڪير ائين ڪري رهيو آهي ان جو مقصد ڇا آهي اهو سڀ ڪو ڄاڻي ٿو. حر اڪبر مهر پوسٽ شيئر ڪئي ته ٿڦڙ شريف ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو وڏو مزو لڳو پيو آهي، شوڪت ڪنڀر پوسٽ شيئر ڪئي ته چماٽ وارو ٽرينڊ هلي پيو ان ۾ ڪيتري سچائي آهي؟