# ٽوئٽر ٽاپ ٽرينڊ … ٽوئيٽر بند ٿئي پيو، ان خلاف احتجاج ڪٿي ڪجي ؟

0
116

  ٽوئيٽر تي آر آءِ پي ٽوئيٽر، گڊ باءِ ٽوئيٽر، ايلون مسڪ، بفور ٽوئيٽر، ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، اهڙو سلسلو شروع ٿيڻ مان ڇا اهو اشارو ملي ٿو ته ٽوئيٽر کي بند ڪيو پيو وڃي يا ماڻهو ٽوئيٽر جو استعمال ڇڏڻ جو ارادو رکن ٿا؟ ٽوئيٽر جي سي اي او ايلون مسڪ ٽوئيٽر تي قبر سان گڏ تصوير شيئر ڪئي جنهن کانپوءِ ٽوئيٽر تي اهڙي ٽرينڊز جو طوفان اچي ويو، مائڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر جي نئين مالڪ ايلون مسڪ پاران 18 نومبر تي هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو جنهن جي تصوير ۾ ڪجهه ماڻهو قبر تي موجود هئا ۽ قبر تي ٽوئيٽر جو لوگو لڳل هو، جنهن بعد اڪثر ماڻهن اهو اندازو لڳايو ته ٽوئيٽر بند ڪيو پيو وڃي، ايلون مسڪ تصوير شيئر ڪندي ان تي ڪا به وضاحت ناهي ڪئي پر اڪثر ماڻهن تبصرا ڪيا ته ٽوئيٽر بند نه ڪريو ان کانسواءِ هاڻي دنيا ۾ مزو نه ايندو،  ايلون مسڪ ڪا وضاحت نه ڪئي پر ٽوئيٽر استعمال ڪندڙن فالوئرز کي خدا حافظ چوڻ شروع ڪري ڇڏيو، دلچسپ تبصرا ڪيا ويا، ميمز جو سلسلو شروع ٿي ويو، ان سلسلي ۾ فواد چوڌري ايلون مسڪ کي مينشن ڪندي لکيو ته ماڻهو ٽوئيٽر بنا هاڻي دنيا جو تصور به نٿا ڪري سگهن ان ڪري هاڻي اهڙيون ڳالهيون بند ڪريو،  هڪ صارف لکيو ته ٽوئيٽر بند ڪرڻ خلاف ڪٿي احتجاج ڪيو ويندو يا نه؟ ڪجهه صارفين لکيو ته ٽوئيٽر بند ٿيڻ بعد انسٽاگرام جو موڊ ٺيڪ ناهي، ڪجهه ماڻهن وري ٽوئيٽر ملازمن کي نئين ايپليڪيشن جو خيال پيش ڪيو، ڪجهه ماڻهن ٽائي ٽينڪ فلم ۾ جهاز ٻڏڻ واري وڊيو شيئر ڪندي ٽوئيٽر جي صورتحال بيان ڪئي، ڪجهه ماڻهن وري ٽوئيٽر بند ٿيڻ جو ٻڌي ڪاوڙ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ واريون وڊيوز شيئر ڪيون، جڏهن ته ٽوئيٽر جون آفيسون بند ڪرڻ تي به اهو چيو ويو ته ٽوئيٽر سدائين لاءِ بند ڪيو پيو وڃي، ٽوئيٽر جون آفيسون ملازمن جي احتجاج سبب بند ڪيون ويون هيون. ٽوئيٽر پاران وڏي انگ ۾ ملازمن کي نيڪالي ڏني پئي وڃي. جهانگير موسو پوسٽ شيئر ڪئي ته ٽوئيٽر ڪجهه ڏينهن جو مهمان آهي، باءِ باءِ ٽوئيٽر، زيشان حفيظ کوسو لکيو ته سڀ پئسي جو مستي آ، 44 ارب ڊالرن ۾ ٽوئيٽر کي وٺڻ کانپوءِ جڏهن کيس ٽوئيٽر مزو نه ڏنو ته ايلون مسڪ ٽوئيٽر کي پاڙ کان ئي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، عزيز کاهوڙي لکيو ته ٽوئيٽر بند ٿئي پيو اسان باقاعده طور اچون پيا بسرو کڻي فيس بوڪ تي، ماجد مانجها لکيو ته ايلون مسڪ ٽوئيٽر جو ايئن ٻيڙو ٻوڙيو آهي جهڙو پ پ سنڌ جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي.