حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ ٽه رخي پاڻي ورڇ فارمولي کي رد ڪري ڪندي 1991ع پاڻي ٺاهه تحت سنڌ کي گڊو بئراج تي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو اآهي ۽ ارسا پنجاب واٽر اٿارٽي قرار ڏني وئي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه پنهنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ ارسا طرفان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ ۽ پاڻي فراهمي بابت جاري ڪيل انگن اکرن کي رد ڪندي چيو آهي ته ارسا اختيارين طرفان ٽه رخي پاڻي ورڇ فارمولي سان سنڌ جي پاڻي حصي تي سرعام راتاها هنيا پيا وڃن. هن وقت 1991ع پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي گڊو بئراج تي هڪ لک 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي ملڻ گهرجي پر اهو گهٽائي صرف 51 هزار ڪيوسڪ جاري ڪيو ويو آهي جنهن سان سنڌ کي 69 هزار ڪيوسڪ پاڻي گهٽ ملي رهيو آهي. ڪوٽڙي بئراج تائين گهربل پاڻي نه پهچڻ سبب سنڌ اندر هن وقت پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي جنهن ڪري ڪپهه ۽ سارين جي فصلن جي پوک رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي. هن چيو ته ارسا جا پاڻي کوٽ بابت انگ اکر غلط آهن. سنڌ ۾ 24 کان 25 سيڪڙو پاڻي کوٽ کي صرف 4 سيڪڙو ظاهر ڪرڻ سراسر بدديانتي آهي. 91ع پاڻي ٺاهه مطابق سنڌ کي ساليانو 46.76 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي الاٽ ٿيل آهي پر سنڌ کي رڳو 43 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملي ٿو. هر سال 5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ملڻ سبب اهو پاڻي پنجاب استعمال ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته سنڌ ۾ 15 مارچ کان 15 مئي تائين ڪپهه جي پوک ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جا لابارا ٿين ٿا. ان وقت سنڌ کي پاڻي جي ضرورت هوندي آهي ۽ پنجاب کي ضرورت ناهي هوندي. 91 پاڻي ٺاهه تحت گهر ڪرڻ تي ارسا وارا ٻن ووٽن جي مقابلي ۾ 3 ووٽن سان سنڌ کي هارائي سنڌ جي حصي جو پاڻي به کڻي وڃن ٿا. پنجاب، وفاق، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان سدائين سنڌ خلاف ووٽ ڪن ٿا. ڇو ته 1991ع پاڻي معاهدي تحت ڪي پي ۽ بلوچستان پاڻي جي کوٽ کان آجا قرارا ڏنل آهن ان ڪري اهي پنجاب جي حق ۾ ووٽ ڪن ٿا جنهن سان پڻ سنڌ کي نقصان پهچي ٿو. ارسا چيئرمين پنجاب جو ميمبر رهي چڪو آهي ان ڪري ان جي اڃا تائين پنجاب نواز سوچ آهي. ارسا چيئرمين کي صرف پنجاب سوچ کان ٻاهر نڪري ملڪي سوچ ذهن ۾ ويهارڻ گهرجي. هن ارسا کي پنجاب واٽر اٿارٽي قرار ڏيندي چيو ته اداري کي ملڪي ادارو ڪري هلايو وڃي يا ان پنجاب نواز اداري کي بنا دير ختم ڪري پاڻي ورڇ معاملن لاءِ نئين سر نئون ادارو قائم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.