ٽهڪن ۾ ٽانڊا … نيٺ اسان به هڪ نئين ٽي وي ورتي!

0
25
ٽهڪن ۾ ٽانڊا ... نيٺ اسان به هڪ نئين ٽي وي ورتي!

 پيارا پڙهندڙو! سڀ کان پهرين آئون هٿ ٻڌي اوهان سڀني کان معافي ٿو وٺان جو پنهنجي بيماريءَ سبب آئون توهان کان مهينو ٻه گم ٿي ويو هئس. ڪالم لکي ڪونه سگهيس. هاڻي مس مس لکڻ جهڙو ٿيو آهيان ۽ اوهان جي خدمت ۾ لاغر، معاف ڪجو لاغر نه حاضر ٿيو آهيان. هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصلوڪن پرڪارن تي معنيٰ ڪالم لکڻ تي.

                 بُکَ، بيماري، بيروزگاري ۽ مهانگائي اڳ ئي لاههَ ڪڍي ڇڏيا هئا. وري جو آءِ ايم ايف جي مشوري سان بجيٽ آئي، تنهن بِنهه اندر ساڙي ڇڏيو. پئٽرول، ڊيزل، سيڌو سامان، ڀاڄيون، ميوا سڀ مهانگا ڪيا ويا ۽ هر واپاري، پگهاردار ۽ دُڪاندار تي ٽئڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. اڳتي هلي هِي ريڙهو هلائيندڙ کان به ٽيڪس وٺندا، ميت تي به ٽئڪس وٺندا، ڪنهن جي سنت ۽ طهر تي به ٽيڪس لڳندو، اهو درد ايترو ته دل ۽ دماغ تي چڙهي ويو جو اندر ۾ سورن جا جبل ٺهي ويا. سوچيم ته وڃي طوطن ماءُ سان ڳالهيون ڪري دل جا درد گهٽ ڪريان. مون طوطن ماءَ کي سُر ۽ سوز ۾ گانا ٻُڌايا پر هُوءَ اڳ ئي ڪا سڙيو ويٺي هئي، تنهن چيو ته کِيسو خالي، مُڙس موالي، گهر ۾ نه سيڌو سامان، توکي ته ذري جو به حياءَ ڪو نه ٿو اچي. چيومانس ته کُٽل آهيان تڏهن به خان آهيان. جنهن تي هن وراڻيو ته، توُن کُٽل خان صفا سروٽو آهين.

مون کيس وري وري گانا ٻڌايا. منهنجا ٻُڌايل گانا ٻڌي طوطن ماءُ نيٺ خوش ٿي. منهن تي مرڪ اچي ويس، ان دوران طوطن اچي روئندي دانهن ڏني ته رئيس گُلڻ خان گول باڊي جي گهر ٽي وي ڏسڻ ويس ته، هن جي ٻارن مون کي ڌِڪا ڏئي گهر مان ڪڍي ڇڏيو، مون کي پنهنجي ٽي وي وٺي ڏيو. سندس درد جو داستان ٻُڌي مون کي ڏُک ٿيو. اسان جي ڳوٺ ۾ علڻ، ولڻ، گُلڻ، جانو، عيسي، موسي، سڀني جي گهر ۾ ٽيويون هيون، پر فقط اسين بي ٽيويا هئاسون، طوطن جو لٿل منهن ڏسي، طوطن ماءُ کي رحم اچي ويو، کيس ڳراٺڙي پائي ٽي وي وٺي ڏيڻ جي پڪ ڏنائين. کيس ڏاج ۾ مليل هڪ ٽِهاڻ هئي، جيڪا منهنجي سَس سڳوري ماسي ناٿي نانگڻ وٽ بيٺل هئي، اها ڪاهي ڏنائين ته ان کي وڪڻي طوطن کي نئين ۽ ڀلي ٽي وي وٺي آڻي ڏي.

آئون ٽِهاڻ ڪاهي پِڙيءَ تي پهتس، مون ان جي قيمت لک رُپيا ٻُڌائي پر گراهڪ ويهن هزارن کان مٿي نه چڙهيا. هڪڙي گراهڪ چيو ته ٽيهه هزار وٺ ۽ مينهن مان هٿ ڪڍ. مون ان جي ڳالهه تي عمل نه ڪيو. ڪُجهه معاملي کي وڌايم ته ٽِهاڻ پنجٽيهه هزارن ۾ وڪامي وئي. دلال پئسا وٺي چيڪ ڪيا ته، اهي اصلي آهن يا نقلي. کيس ٻه هزار ڪميشن ڏئي آئون ويس بازار. پنجويهه هزارن ۾ نئين ٽي وي وٺي، باقي پئسن مان سيڌو سامان وٺي گهر آيس. اوڙي پاڙي جو قرض به لاٿم. گهر جنت المثال ٿي پيو. ڪُجهه ڏينهن مون به ٽي وي ڏٺي پر پوءِ بيزار ٿي پيس. ٽي ويءَ ۾ اڌ کان مٿي رُڳو مشهوريون، دُڪان، فليٽ، بيڪريون، فرنيچر، بلڊر، گيهه مصالحا، صابڻ، شيمپو، تيل، بسڪيٽ، پاپا، بوتلون، ڪپڙا، پيزا، برگر، ڪيچپ ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا. هڪ شميپو ته اهڙو هو جو ماءُ جڏهن ڌِيءَ کي ٿي هڻي ته، ان مان ٻه اڍائي ڪلو بصر هيٺ پٽ تي ٿي ڪِريا. آئون حيران ٿي ويس ته ڇا شيمپو ۽ ڇا بصر. تنهن کان پوءِ خبرون سڀني چينلن تي جيڪي صبح جو اٺين وڳي نشر ٿينديون هيون، سي ساڳيون ٽڪي پئسي جي فرق سان رات جو ٻارهين وڳي تائين پيون هلنديون هيون، ڄڻ ٽي وي وارن وٽ خبرون ٺاهڻ واري ڪا فوٽو ڪاپي مشين لڳل هجي. جيڪي اسڪرول هلندا هئا، تن ۾ گرامر، مونث مذڪر صورتخطي جون سوين غلطيون هونديون هيون. ڪير به انهن کي صحيح ڪرڻ وارو ڪونهي. تنهن کانپوءِ ساڳيا ساڳيا پروگرام ٻن ٻن هفتن تائين پيا نشر ٿين. ان کانسواءِ ڏُکَ جون خبرون، قتل، ايڪسيڊينٽ، اغوا، ڌاڙيل گردي، گهرن کي باهيون، معصوم نياڻين جو اغوا، ڦُرون، ڀتا خوري ۽ ٻيون به اهڙيون دردناڪ ۽ غمناڪ خبرون جو منهنجي اکين مان ڳوڙها اچيو وڃن. مون ٽي وي ڏسڻ ڇڏي ڏني ۽ خبرن لاءِ اخبار وٺي پڙهڻ لڳس. اخبارن ۾ به پهرئين صفحي تي ساڳيون ٽي وي واريون خبرون ۽ اندرئين صفحي تي دردناڪ ۽ خوفناڪ خبرون. مون اندريون صفحو پڙهڻ ڇڏي ڏنو ۽ سوچيم ته، اسان وٽ ايتري پوليس آهي پوءِ به ماڻهو اغوا پيا ٿين. الائي ڇو قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايترا بيوس آهن، جو خود ڌاڙيلن جي مقابلي ۾ شهيد پيا ٿين. نه وٽن جديد هٿيار آهن ۽ نه بلٽ پروف گاڏيون. ماڻهو گهران نڪرڻ ۽ سفر ڪرڻ کان پريشان آهن. ڇا ڪجي؟ ڌاڙيل مسافر گاڏين کان به ڦُرون پيا ڪن. هندو برادري جا ماڻهو به اغوا پيا ٿين. پريا ڪماري اڃا تائين پوليس هٿ ڪانه ٿي اچي. شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪونه ٿا ٿين. اهو سوچي سوچي آئون اڌ چريو ٿي ويس. هڪ نفسياتي ماهر کي ڏيکاريم، تنهن اهڙيون ته نشي جون گوريون ڏنيون جو رات ڏينهن سُتو پيو هئس. سوچيم ڪاش آئون انسان نه هجان ها، ڪو جانور، پکي هجان ها ته ايترا درد ڪونه ڏسان ها. پکين ۾ ڪيڏي نه محبت ۽ ٻڌي آهي. شاهه صاحب فرمايو آهي ته،

ولر ڪيو وَتن پِرت نه ڇِنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو.