ٽنڊو ڄام (ن پ ا) ٽنڊو ڄام لڳ پورهيت عورتن کي ٽرين چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ريلوي ٽريڪ تي ڇيڻا سڪائيندي ٽرين 45 ورهين جي زليخان سولنگي ۽ 15 ورهين جي انعم سولنگي مٿان چڙهي وئي، ٻئي عورتون ٿڏي تي فوت ٿي ويو، راهوڪي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا، ٻئي عورتون راهوڪي شاخ سامهون قائم ڳوٺ جون رهائشي هيون، جيڪي ڇيڻا سُڪائينديون هيون، اطلاع تي راهوڪي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيا، پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا، لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو.