ٽنڊومستي (رپورٽ : رزاق مري) ٽنڊو مستي لڳ 18 جانيون ڳڙڪائيندڙ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين وچ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو  سردار ابراهيم جتوئي ۽ سردار حاجي شمس الدين لاشاري جي سرپئنچي هيٺ ٿيو  ڌرين  جا 16 خون ثابت  مجموعي طور تي 3ڪروڙ 71 لک رپيا ڏنڊ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون . خبر موجب ٽنڊومستي ويجهو ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڳوٺ بکو لاشاري ۾ سڱاوتي تڪرار تان  14 سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو شڪارپور ۾ جتوئي هائوس ته ٿي گذريو جنهن ۾ مختلف برادرين جا چڱا مڙس غلام اڪبر لاشاري، ايڊوڪيٽ طالب حسين لاشاري، علي ڏنو خان لاشاري، مظفر جمالي، اختر خان کونهارو، غلام نبي مگسي ۽  لاشاري برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن  ته هڪ ڌر جي عبداللطيف لاشاري ۽ ٻئي ڌر جي علي حسن لاشاري بيان ڪيا. بيانن بعد فيصلي جي امينن عبداللطيف لاشاري جي ڌر جا 6 ۽  علي حسن لاشاري جي ڌر جا 10 خون ثابت ٿيا جڏهن عبداللطيف لاشاري جي ڌر جي ٻن خونن جي علي حسن لاشاري واري ڌر تي ساک رکي وئي  في خون جي بها 20 لک رپيا نڀائي وئي  جنهن ۾ عبداللطيف لاشاري واري ڌر تي 2 ڪروڙ 8لک روپيا  جڏهن ته علي حسن لاشاري واري ڌر تي هڪ ڪروڙ 63 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته خون خونن ۾ پاڙڻ بعد علي حسن واري ڌر 45 لک رپيا معاف ڪري ڇڏيا. فيصلي ڀڃڪڙي ڪندڙ ڌر تي 20 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو جڏهن ڌرين پاران فيصلي کي قبول ڪيو ۽ کير کنڊ ٿي ويا. ياد رهي ته ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب علائقي جي معيشت تباهه ۽ زمين بنجر بڻجي تعليم تباهه ٿي وئي هئي جڏهن ته فيصلي بعد علائقي ۾ سرهائي پکڙجي وئي آهي.