ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) ٽنڊومحمد خان جي شهري علائقي سونپاري واري پيپلز ڪالوني جي علائقي ۾ سوين گهرن کي بلڊورز ذريعي ڊاهي مسمار ڪرڻ واري ڪوشش تي علائقي جي رهواسي متاثرين عورتن مردن ٻارن بلڊر جي خلاف اسٽيشن روڊ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، احتجاج ڪندڙن عظميٰ بروهي، مسمات زيبو، مسمات رحيمان ۽ ٻين جو چوڻ هو ته بلڊر مافيا اسان جي 50 سالن کان کان ٺهيل گهرن کي ڊاهي مسمار ڪرڻ لاءِ وڏي مشينري بلڊوزر ، ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي مزاحمت ڪرڻ تي رهائشي گهرن کي مسمار ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي پر ان جي باوجود ڪنهن به وقت بااثر بلڊر پنهنجي اثر رسوخ سان اسان جي گهرن کي ڊاهي پٽ ڪرائي اسان کي پنهنجي گهرن کان بي گهر ڪري سگهي ٿو.هنن چيو ته علائقي جي چونڊيل عوامي نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه کي اطلاع ڪرڻ باوجود اسان سان ڪو به انصاف نه پيو ڪيو  وڃي.  بلڊر کي پوليس فورسز جي مدد حاصل آهي جنهن جي ڪري اسان مجبور ٿي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو آهي. احتجاج دوران پوليس اهلڪارن ۽ مظاهرين ۾ سخت ڇڪتاڻ رهي ، بعد ۾ ايس ايڇ او سٽي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري سندن جائز مطالبا ضلعي انتظاميه آڏو رکڻ جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرايو .