ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان ۾ نوجوان ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان شهر جي ٽالپر ڪالوني ۾ 20 ورهين جي نوجوان پورهيت خليل عرف کلو ڀٽو پاڻي واري موٽر مان ڪم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان پورهيت جو لاش سندس ٽالپر ڪالوني واري رهائشگاھ تي آندو ويو ، فوتي کي سوين آلين اکين سان سندس ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو .