ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ شفيع محمد نوتڪاڻي ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب 10 پورهيتن  جا گهر سڙي ويا آهن. ان ڏس ۾ باهه لڳڻ ڪري لکاڏنو، ظهور  ستار عابد. صحبت  مقصود  اعجاز نوتڪاڻي سميت 10پورهيتن جا گهر ۽ انهن ۾ پيل کٽون هنڌ بسترا ڪپڙا نياڻين جو ڏاج سميت سموروسامان سڙي رک ٿي ويو. اطلاع تي ماتلي   فائر برگيڊ گاڏي پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ٻئي طرف ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته گهرن ۾ پيل  سامان لکين رپين جي ماليت جو هو جنهن سبب وڏو نقصان ٿي ويو آھي ٻي طرف باهه متاثر  بي يارو مدد گار کلي آسمان هيٺ  ويٺل ڪنهن به چونڊيل نمائندي سار نه لڌي.