ٽنڊوباگو (ن پ ا) ڳوٺ سونو خان رند ۾ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي واٽر ڪورس ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. ان ڏس ۾   ڳوٺ سونو خان رند ۾ ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي شهزادي ڌيءَ محب رند راند ڪندي واٽر ڪورس ۾ ڪري فوت ٿي وئي. وارث نينگري کي تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو کڻي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ کان پوءِ وارث لاش واپس ڳوٺ کڻائي ويا آهن.