ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار شھر مان ايس ٽي پي جو ڪارڪن شڪور گھراڻو  نامعلوم ماڻھن ھٿان اغوا 2 ڪلاڪ کانپوءِ پوليس زخمي حالت ۾ نوجوان کي  بازياب ڪرائي ورتو، زخمي نوجوان کي علاج جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، نوجوان تي تشدد خلاف ايس ٽي پي جي ڪارڪن قٻو اسٽاپ لڳ حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، اڳواڻن  محبوب سمون،عبدالمالڪ دائوداڻي، امداد ناريجو ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته  اسان جي ڪارڪن شڪور گھراڻو کي ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو آھي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي.