ٽنڊومستي (ن پ ا) ٽنڊومستي قومي شاهراھ تي مامالالي هوٽل ڀرسان تيزرفتار ڪار جو ٽرڪ کي پٺيان ٽڪر لڳڻ سبب ڪراچي واسي ڪار سوار هڪ ئي خاندان جا 45 ورهين جو شاهد علي پٽ محمد شفيع يوسف زئي , 35 ورهين جو محمد ابرار پٽ مير بهادر يوسف زئي ۽ 27 ورهين ذورالفقار علي پٽ عبدالعزيز يوسف زئي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي رستي ويندڙن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال گمبٽ ۾ منتقل ڪيو.ان سلسلي ۾ ٻڌايو پئي ويو ته زخمي ڪراچي کان صادق آباد وڃي رهيا هئا ته ٽنڊومستي قومي شاهراھ تي هي حادثو پيش آيو، ڊاڪٽرن مطابق زخمين مان هڪ زخمي ابرار جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري ڪراچي ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪار تيز رفتار سان هئي ۽ ٽالر کي پٺيان اچي لڳي، پوليس ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.