صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) ڇاتيءَ جي بيمارين ۽ ٽي بيءَ جو ماهر ڊاڪٽر ٽنڊو مستيءَ لڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو. صدرجي ڀٽيون لڳ ڳوٺ گهنڃا جو رهواسي  ڇاتيءَ جي بيمارين ۽ ٽي بيءَ جو ماهر ڊاڪٽر  عبدالرحيم پنهور گذريل ڏينهن صبح جو ڊيوٽيءَ تي محرابپور وڃي رهيو هو ته ٽنڊومستيءَ لڳ سندس ڪار تيز رفتاريءَ سبب حادثي جو شڪار ٿي وئي، نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. فوتيءَ ڊاڪٽر جو لاش خيرپور سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مڙهه اباڻي ڳوٺ پهتو ته ڪهرا مچي ويو، مرحوم جي آخري رسمن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.