ٽنڊو محمد خان پوليس پاران هلندڙ سال دوران هڪ هزار ڏوهاري پڪڙڻ جي دعويٰ

0
261
ٽنڊو محمد خان پوليس
ٽنڊو محمد خان پوليس پاران هلندڙ سال دوران هڪ هزار ڏوهاري پڪڙڻ جي دعويٰ

 ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان پوليس سالياني ڪارڪردگي رپورٽ ظاهر ڪندي ڪچي هڪ هزار کان وڌيڪ روپوش اشتهاري جوابدارن جي گرفتاري جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي

ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ موجب ضلعي مان ڪچو شراب وڪرو ڪرڻ جي الزام  315  ، 350 ڪچي شراب جي بٺين کي ڊاهي مسمار ڪرڻ ، چرس وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ 40 منشيات فروشن جي گرفتاري  ڪئي. مين پوڙي گٽڪي جي وڪري ۾ ملوث مک سپلائير 295 جوابدارن جي گرفتاري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ مين پوڙين جي برآمدگي ، آڪڙا پرچي جي الزام ۾ 41 جوابدار ، هزارين رپيا ڪيش رقم ۽ سوين تاشون برآمد ڪرڻ ، 46 جوابدارن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ سندس قبضي مان 3 عدد بندوق ، 43 پسٽل برآمد ڪرڻ ، موٽر سائيڪل ڦرون ڪرڻ جي الزام ۾ 10 گينگ جوابدار گرفتار ڪري سندن قبضي مان 25 موٽر سائيڪلون برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي

بغيرڪاغذن جي 60 گاڏين کي چالان ڪرڻ سان گڏ 190 مفرور اشتهاري جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ مختلف ڪرائم ۾ 600 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي تفصيلي رپورٽ انگ اکرن سان ظاهر ڪري ڇڏي آهي ، جنهن ۾ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ اها به دعوى ڪئي آهي ته ٽنڊو محمد خان مان هلندڙ سال ڪو به اغوا جو واقعو پيش نه آيو آهي نه وري ڪنهن به سرڪاري بئنڪ اداري ، گهر مان ڪا به ڦر جي واردات رپورٽ نه ٿي آهي ، جنهن ۾ پوليس جي بهتر ڪارڪردگي تي اهلڪارن کي گهرو کاتي طرفان شيلڊس ، سرٽيفڪيٽ ۽ ترقي جا تمغا به ڏنا ويا آهن.