ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ ٺارو بوزدار واسي 22 ورهين جي نوجوان محمد بخش بوزدار جو 3 ڏينهن اڳ جوابدارن پاران نازڪ عضوو وڍي زخمي ڪرڻ خلاف وارثن پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي شبير احمد، عبدالقيوم، غلام مصطفى ۽ ٻين الزام هنيو ته نوجوان ڀاءُ محمد بخش بوزدار کي بنا ڪنهن سبب جوابدار افضل، اسلم ۽ ظفرين بوزدار ۽ ٻين گڏجي حملو ڪري سندس نازڪ عضوو وڍي ڇڏيو، نوجوان کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي، واقعي بابت شيخ ڀرڪيو ٿاڻي تي 3 ڏينهن اڳ اين سي داخل ڪرائي پر پوليس هڪ به جوابدار گرفتار ڪري نه سگهي آهي، هنن اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ هو پاڻ ساڙيندا.