ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊي غلام حيدر جي يونين ڪائونسل لکي ايٽ ميرواهه جي ڳوٺ مير محمد چانگ جي رهواسين بااثرن  جي  زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي جعفر چانگ، چاڪر چانگ، جانڻ چانگ، گهنور، نديم چانگ ۽ ٻين چيو ته  اسان سرڪاري زمين تي 50سالن کان  ويٺل آهيون، بااثر گهر خالي ڪرائي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هنن چيو ته اسان جو گهرن مان ٻاهر نڪرڻ محال ڪري ڇڏيو، ڪو به اسان جي داد رسي نٿو ڪري، هنن آءِ جي سنڌ ۽  ڊي آءِ  جي حيدر آباد  سميت ايس ايس پي  ٽنڊو محمد خان کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.