ٽنڊو غلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊ غلام حيدر تعلقي ۾ ڇنڇر ڏينهن ڪاروباري سرگرميون بند رکڻ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو. ٽنڊي غلام حيدر جي يونين ڪائونسل لکي ايٽ ميرواهه ۾ ڇنڇر ڏينهن لڳندڙ هفتيوار تلهار مال پڙيءَ ۾ هزارين ماڻهن جي رش دوران ايس او پيز جون سرعام ڀڃڪڙيون جاري رهيون.
گذريل ڏينهن سڄي سنڌ جي مختلف علائقن مان هزارين ڀاڳيا ۽ واپاري ڍور ڪاهي تلهار مال پڙي پهتا ۽ سڄو ڏينهن خريداريءَ ۾ مصروف رهيا. ماڻهن مان ڪورونا وائرس جو خوف ختم ٿي ويو، هزارين ماڻھو بغير ماسڪ ۽ بنا ڪنهن سماجي وٿي قائم ڪرڻ جي ڪاروباري سرگرمين ۾ مشغول رهيا. جڏهن ته ضلع ٽنڊو محمد خان ۽ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي انتظاميا ڪوبه نوٽيس نه ورتو. ڪورونا وبا ڦھلجڻ جو خطرو وڌي ويو. انتظامي جي نااهلي سبب مال پڙيءَ ۾ قائم هوٽلون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا سمورا اسٽال کليل رهيا.